اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جديد طبي سهولتن واري 400 بسترن تي ٻڌل نئين اسپتال 30 مارچ 2027ع تائين مڪمل ڪري فعال ڪئي ويندي، منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان جي تڪميل وزيراعظم جي مقرر ڪيل تاريخ تائين يقيني بڻائي ويندي. اڱاري ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته منصوبي جي تڪميل رڳو دعويٰ ناهي …
جديد طبي سهولتن واري 400 بسترن تي ٻڌل نئين اسپتال 30 مارچ 2027ع تائين مڪمل ڪري فعال ڪئي ويندي: صحت وارو وفاقي وزير
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جديد طبي سهولتن واري 400 بسترن تي ٻڌل نئين اسپتال 30 مارچ 2027ع تائين مڪمل ڪري فعال ڪئي ويندي، منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان جي تڪميل وزيراعظم جي مقرر ڪيل تاريخ تائين يقيني بڻائي ويندي. اڱاري ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته منصوبي جي تڪميل رڳو دعويٰ ناهي پر تعميراتي ڪم جي اڳڀرائي موقعي تي ڏسي سگهجي ٿي، منصوبي کي سي ڊي اي جي منظوري سميت مختلف انتظامي ۽ قانوني ڏکيائيون درپيش هيون، جن کي هاڻي حل ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته منصوبي جو نظرثاني ٿيل پي سي ون هڪ عرصي کان التوا ۾ هو جنهن جي لاڳت 9 ارب روپين کان وڌي 16 ارب روپيا ڪئي وئي. هن چيو ته هو پاڻ ۽ سندس ٽيم منصوبي جي منظوري ۽ ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ رٿابندي بابت اجلاسن ۽ سي ڊي ڊبليو پي جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿيو. وفاقي وزير چيو ته منصوبي تي ڪم شروع ٿيڻ وقت اڳڀرائي اٽڪل 13 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي ساختي اعتبار سان 60 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته ٻين لاڳاپيل ڪمن جو اٽڪل 90 سيڪڙو حصو مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسپتال لاءِ ضروري طبي اوزان جي خريداري جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، ڪيترائي اوزار پاڪستان پهچي چڪا آهن جڏهن ته ٻيا رستي ۾ آهن، ڪنهن سامان جي فراهمي ۾ دير ٿي ته وزيراعظم جي هدايتن موجب ان کي فضائي رستي کان گهرايو ويندو ته جيئن منصوبي جي تڪميل متاثر نه ٿئي. هن ٻڌايو ته آءِ ڊيپ هڪ چيني ڪمپني جي تعاون سان اسپتال جي تعمير جو ڪم انجام ڏنو آهي، ڪنگ سلمان اسپتال جي حوالي سان وفاقي وزيرچيو ته 400 بسترن رتي ٻڌل هي منصوبو گذريل 20 سالن کان التوا جو شڪار هو ۽ فائلن تائين محدود رهيو، موجوده حڪومت گذريل پنج مهينن دوران منصوبي کي درپيش انتظامي ۽ فني رڪاوٽون ختم ڪيون آهن. منصوبي ۾ پراڻي ڊزائين ۾ ڪيتريون ئي خاميون هيون جن کي جديد طبي ضرورتن موجب بهتر بڻايو ويو آهي. هن چيو ته ڪنگ سلمان اسپتال جي منصوبي ۾ سعودي عرب جو به اهم ڪردار آهي ۽ سعودي عملدارن ۽ لاڳاپيل ادارا ان منصوبي ۾ شامل آهن جڏهن ته ان جي مالي مدد سعودي عرب طرفان ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد جي 28 ڊسپنسرين جي حوالي سان هن چيو ته انهن مرڪزن ۾ انساني وسيلن جي کوٽ هڪ اهم مسئلو آهي، ڪجهه مرڪزن ۾ عمارتون، مشينري ۽ بسترن سميت ضروري سهولتون موجود آهن جڏهن ته عملو نه هجڻ سبب انهن کي مڪمل طور فعال نٿو ڪري سگهجي، انساني وسيلن جي ڀرتي لاءِ گذريل هڪ سال کان ڪوششون جاري آهن، مختلف انتظامي مرحلن سبب دير ٿي. هن چيو ته گذريل 14 مهينن دوران وزارت ڪيترن ئي اهم منصوبن تي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته صحت جي شعبي ۾ هاڻي به ڪيترائي مسئلا موجود آهن جن جي حل لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي.












