ايس آءِ يو ٽي ڪراچي ۾ فزيوٿراپي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

ڪراچي- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) ۾ اڱاري ڏينهن فزيوٿراپي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن جو مقصد مريضن جي صحتيابي ۽ بحالي جي عمل ۾ فزيوٿراپي جي اهميت سان گڏوگڏ بهتر معياري زندگي لاءِ ان جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ هو. هلندڙ سال فزيوٿراپي جي عالمي ڏينهن جو موضوع فزيوٿراپي ۽ جسماني سرگرمي وسيلي دل جي مرضن ۽ …

ڪراچي- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (ايس آءِ يو ٽي) ۾ اڱاري ڏينهن فزيوٿراپي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن جو مقصد مريضن جي صحتيابي ۽ بحالي جي عمل ۾ فزيوٿراپي جي اهميت سان گڏوگڏ بهتر معياري زندگي لاءِ ان جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ هو. هلندڙ سال فزيوٿراپي جي عالمي ڏينهن جو موضوع فزيوٿراپي ۽ جسماني سرگرمي وسيلي دل جي مرضن ۽ فالج کان بچاءَ، انهن مرضن جي اثرائتي انتظام ۽ صحت جي بحالي ۾ ان جي ڪردار تي آهي. ان موضوع تحت ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ويو آهي ته جسماني سرگرمي ۽ بروقت بحالي مريضن کي ٻيهر متحرڪ ٿيڻ، پنهنجي روزانو جي زندگي ڏانهن واپس آڻڻ ۽ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ايس آءِ يو ٽي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ايس آءِ يو ٽي ۾ فزيوٿراپي به طبي خدمتن جو هڪ اهم حصو آهي ۽ اسپتال جي مرڪزي عمارت ۾ هڪ باقاعده ۽ سهولتن کان آراسته فزيوٿراپي جو شعبو ڪم ڪري رهيو آهي. شعبو قائم ٿيڻ کان وٺي مريضن جي بحالي ۽ جسماني مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن. ايس آءِ يو ٽي جي پنجن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل مفت علاج ۽ عزتِ نفس جو خيال رکندي  بنا ڪنهن فرق جي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي فلسفي تحت فزيو ٿراپي جي عالمي ڏينهن جي سرگرمين ان ڳالهه کي به اجاڳر ڪيو ته معياري صحت جي سهولت فقط بيماري جي علاج تائين محدود ناهي پر مريض کي صحتياب ڪري ان کي ٻيهر معمول جي زندگي ڏانهن آڻڻ به طبي سارسنڀال جو اهم حصو آهي.