حيدرآباد 8 سيپٽمبر (اي پي پي ) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش خان مهر جي هدايتن تي ڊائريڪٽوريٽ آف يوٿ افيئرز، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ "يوٿ سمٽ 2026ع منعقد ڪئي وئي. هن سمٽ جو موضوع ايگري ٽيڪ ۽ جديد فارمنگ، ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي مستقبل جي زرعي صنعتڪارن ۾ تبديل ڪرڻ هو، جنهن ۾ تعليمي ماهرن، …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ يوٿ سمٽ 2026ع منعقد
حيدرآباد 8 سيپٽمبر (اي پي پي ) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش خان مهر جي هدايتن تي ڊائريڪٽوريٽ آف يوٿ افيئرز، اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ "يوٿ سمٽ 2026ع منعقد ڪئي وئي. هن سمٽ جو موضوع ايگري ٽيڪ ۽ جديد فارمنگ، ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي مستقبل جي زرعي صنعتڪارن ۾ تبديل ڪرڻ هو، جنهن ۾ تعليمي ماهرن، فئڪلٽي ميمبرن ۽ نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ خاص مھمانن ڊاڪٽر غلام مجتبٰي ۽ ڊاڪٽر عبدالواحد ڀٽو، ڊين فئڪلٽي آف سوشل سائنسز ۽ معزز فئڪلٽي ميمبرن سميت سڄي صوبي مان آيل زراعت سان دلچسپي رکندڙ نوجوانن شرڪت ڪئي جڏهن ته پروگرام جو باقاعده آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، جنهن کانپوءِ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، اسپورٽس ۽ يوٿ افيئرز ڊپارٽمينٽ رضوان علي ملاح چيو ته تقريب جو بنيادي مقصد ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي هو زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي اپنائڻ لاءِ اتساھ حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين پائيدار اقتصادي ترقيءَ جو اهم حصو بنائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيا آهيون. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊين فئڪلٽي آف ايگريڪلچرل ۽ سوشل سائنسز ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ڊاڪٽر اعجاز علي کونھارو نوجوانن کي بااختيار بنائڻ جي عزم کي ورجايو.هن چيو ته نوجوان اسان جي زرعي معيشت ۾ ريڙھ جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. جديد ٽيڪنالاجي جو ملاپ پائيدار ترقي ۽ قومي غذائي تحفظ لاءِ تمام ضروري آهي. ان موقعي تي معزز مھمانن، فئڪلٽي ميمبرن، مقررن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.












