ايس ايس پي قمبر – شهدادڪوٽ جي ھدايتن تي منشيات فروشن خلاف پوليس جون ڪارروايون جاري، 2 منشيات فروش گرفتار، منشيات هٿ

لاڙڪاڻو -08 سيپٽمبر (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر - شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي ھدايتن تي منشيات فروشن خلاف پوليس جون ڪارروايون جاري آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او  غيبي ديرو انسپيڪٽر اظهار حسين ميمڻ گشت دوران ڳجهي اطلاع تي غيبي ديرو باءِ پاس وٽ ڪارروائي ڪندي ٻن  منشيات فروشن حسين بخش چانڊيو ۽ امام بخش چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب گرفتار جوابدار حسين …

لاڙڪاڻو -08 سيپٽمبر (اي پي پي) ايس ايس پي قمبر – شهدادڪوٽ حسن سردار احمد خان نيازي جي ھدايتن تي منشيات فروشن خلاف پوليس جون ڪارروايون جاري آهن. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او  غيبي ديرو انسپيڪٽر اظهار حسين ميمڻ گشت دوران ڳجهي اطلاع تي غيبي ديرو باءِ پاس وٽ ڪارروائي ڪندي ٻن  منشيات فروشن حسين بخش چانڊيو ۽ امام بخش چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب گرفتار جوابدار حسين بخش جي قبضي مان 1 ڪلو 50 گرام چرس ۽ 1 ڪلو 100 گرام خشخاش، جڏهن ته امام بخش جي قبضي مان 1 ڪلو 100 گرام چرس، 1 ڪلو 20 گرام خشخاش ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.