قطر جي قومي خودمختاري، آزادي، سلامتي ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ ڀرپور حمايت جاري رکنداسين: چيني پرڏيهي وزير

بيجنگ- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي بيجنگ ۾ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزير چيو ته ويجهن سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي حڪمت عملي تي ٻڌل رهنمائي تحت چين ۽ قطر وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته چين قطر جي  قومي …

بيجنگ- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي بيجنگ ۾ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزير چيو ته ويجهن سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي حڪمت عملي تي ٻڌل رهنمائي تحت چين ۽ قطر وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته چين قطر جي  قومي خودمختاري، آزادي، سلامتي ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ ڀرپور حمايت جاري ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته قطر چين جي بنيادي مفادن سان لاڳاپيل معاملن تي مسلسل مضبوط حمايت فراهم ڪندو. هن چيو ته قطر جي ترقي جي عمل ۾ چين سڀ کان قابل اعتماد ۽ ڊگهي مدي وارو حصيدار آهي ۽ چين عالمي ۽ علائقائي معاملن تي قطر سان رابطا ۽ تعاون برقرار رکڻ لاءِ تيار آهي.  قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته قطر هڪ چين جي اصول تي مضبوطي سان قائم آهي ۽ چين جي اندروني معاملن ۾ پرڏيهي مداخلت جي مخالفت ڪري ٿو. هن چيو ته قطر گڏيل قومن ۽ بين عالمي ادارن جي فريم ورڪ تحت چين سان رابطا ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، ڪيثرالجهتي نظام جي تحفظ ۽ عالمي امن ۽ گڏيل ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تيار آهي.