صحت جي شعبي کي ”سڪِ ڪيئر“ مان ڪڍي ”هيلٿ ڪيئر“ ڏانهن وٺي وڃڻو پوندو، بيمارين کان بچاءُ قومي ترجيح آهي: وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته صحت جي شعبي کي ”سڪِ ڪيئر“ مان ڪڍي ”هيلٿ ڪيئر“ ڏانهن وٺي وڃڻو پوندو، صحت جي نظام کي صرف اسپتال ٺاهڻ ۽ مريضن جو علاج ڪرڻ تائين محدود نٿي رکي سگهجي پر بيمارين کان بچاءُ  ۽ هيلٿ ڪيئر تي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇاڪاڻ ته وڌندڙ آبادي ۽ بيمارين جي بار سبب ملڪ ۾ …

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته صحت جي شعبي کي ”سڪِ ڪيئر“ مان ڪڍي ”هيلٿ ڪيئر“ ڏانهن وٺي وڃڻو پوندو، صحت جي نظام کي صرف اسپتال ٺاهڻ ۽ مريضن جو علاج ڪرڻ تائين محدود نٿي رکي سگهجي پر بيمارين کان بچاءُ  ۽ هيلٿ ڪيئر تي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇاڪاڻ ته وڌندڙ آبادي ۽ بيمارين جي بار سبب ملڪ ۾ اسپتال، ڊاڪٽر، طبي عملو ۽ جديد طبي مشينري جي انگ ۾ رڳو اضافو ڪري صحت جي مسئلن تي ضابطو نٿو آڻي سگهجي.اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن سرينا هوٽل ۾ شگر جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي 2023ع جي آدمشماري ۾ اٽڪل 24 ڪروڙ هئي جيڪا هاڻي ساڍا 26 ڪروڙ کان ٽپي چڪي آهي، ملڪ ۾ هر سال اٽڪل 67 لک ٻار پيدا ٿي رهيا آهن يعني اسان جي آبادي ۾ هر سال اٽڪل نيوزيلينڊ جي آبادي جي برابر اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته هر پنجن سالن ۾ اٽڪل آسٽريليا جي آبادي جي برابر اضافو ٿي ويندو آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت دنيا جي تيزي سان وڌندڙ آبادي وارن ملڪن ۾ شامل آهي ۽ 2030ع تائين آبادي جي لحاظ کان دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ بڻجي ويندو، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن آبادي جو هڪ وڏو حصو مسلسل بيمار رهيو ته سوال اهو آهي ته ڪيتريون اسپتال ٺاهيون وينديون، ڪيترا ڊاڪٽر ۽ پيڊڪس ڀرتي ڪيا ويندا ۽ ڪيتريون مشينون خريد ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان کي سڪ ڪيئر کان ڪڍي حقيقي هيلٿ ڪيئر ڏانهن وٺي وڃڻو پوندو ۽ صحت صرف صحت واري وزارت جي ذميواري ناهي پر سڄي معاشري جي گڏيل ذميواري آهي. وفاقي وزير چيو ته صحت جي سارسنڀال ٻار جي پيدائش کان پهرين ئي شروع ٿي ويندي آهي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو ان جو اهم حصو آهي. هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل 11 هزار عورتون حمل ۽ ويم دوران زندگي وڃائي ويهنديون آهن جڏهن ته هر سال هڪ کان پنج سال جي عمر جا اٽڪل 4 لک ٻار موت جو شڪار ٿي ويندا آهن جيڪو روزانو اٽڪل 1300 جي ٻارن جي برابر آهي. هن چيو ته ڪمزور مائرن کي پيدا ٿيل ٻار به صحت جي مسئلن جو شڪار ٿي سگهن ٿا ۽ انهن مان زنده بچي ويندڙ ٻارن ۾ واڌ ويجهه جي کوٽ يا اسٽنٽنگ جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان آبادي جو اٽڪل 43 سيڪڙو حصو واڌ ويجهه جي کوٽ جو شڪار آهي جيڪو مستقبل جي انساني صحت، پيداواري صلاحيت ۽ ملڪي معيشت لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 68 سيڪڙو بيمارين کي پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيمارين سان جوڙيو ويندو آهي، ان لاءِ صرف پاڻي جي فراهمي صرف صحت واري وزارت جي ذميواري ناهي پر مقامي حڪومتون ۽ بلدياتي نظام سميت سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان کان ڪراچي تائين سيوريج جي پاڻي کي موثر طريقي سان ٽريٽ ڪرڻ جو نظام هڪ وڏو چئلينج آهي. جيڪڏهن سيوريج جو پاڻي پيئڻ جي صاف پاڻي ۾ شامل ٿي وڃي ته هي مختلف بيمارين جي پکيڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، تنهن ڪري صحت جي مسئلن جي حل لاءِ پاڻي، پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي جي نظام کي به صحت جي پاليسي جو حصو بڻائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جا اٽڪل هڪ ڪروڙ 10 لک مريض موجود آهن ۽ ملڪ کي ان حوالي سان انتهائي سنگين صورتحال درپيش آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هيپاٽائيٽس سي جو وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج نه ٿئي ته هي بيماري جگر جي ڪينسر سميت سنگين پيچيدگين جو سبب بڻجي سگهي ٿي. سيد مصطفيٰ ڪمال صحت جي شعبي کي قومي سلامتي ۽ قومي معيشت مان سڌي ريت ڳنڍيل قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي وڏي آبادي بيمارين جو شڪار هجي ته ان جا اثر رڳو صرف اسپتالن تائين محدود ناهن رهندا پر ملڪي پيداواري صلاحيت، روزگار، خاندانن جي آمدني ۽ مجموعي معيشت به متاثر ٿيندي آهي. هن ڪورونا وائرس جي عالمگير وبا جو مثال ڏيندي چيو ته دنيا ڏٺو ته هڪ ئي وقت ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جو بيمار ٿيڻ ۽ اسپتالن جو رخ ڪرڻ سان آمريڪا، يورپ، برطانيه، چين ۽ ٻين خطن جي صحت جو نظام شديد دٻاءُ جو شڪار ٿيا. هن چيو ته پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ هن وقت ڪا عالمي وبا ناهي، جڏهن ته مختلف بيمارين جي مجموعي بار سبب هڪ ئي وقت ۾ وڏي انگ ۾ مريض اسپتال پهچي رهيا آهن، هن ٻڌايو ته جتي اسپتالن جي او پي ڊي ۾ ساڍا 3 کان چار سئو ماڻهن لاءِ گنجائش ٺاهي وئي آهي، اتي ڪجهه وقت ساڍا 9 هزار ماڻهو پهچي رهيا آهن جنهن کي ڪا به اسپتال انتظاميه موثر انداز ۾ نٿي سنڀالي سگهي. هن چيو ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بيمارين جي پاڙ تائين پهچي روڪٿام جي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. صحت جي سهولتن جي شروعات اسپتال کان نه پر گهر، خاندان ۽ معاشري مان ٿيندي آهي، هن شگر کان بچاءُ ۽ آگاهي جي ضرورت تي به زور ڀريو ۽ چيو ته صحتمند طرز زندگي جي حوالي سان شعور ٻارن جي تعليم ۽ اسڪول جي سطح کان پيدا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جون ذميواريون پنهنجي جڳهه تي آهن جڏهن ته ماڻهو کي به پنهنجي صحت جي ذميواري کڻڻي پوندي. هن چيو ته شگر کي ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ان جي وقت سر سڃاڻپ انتهائي اهم آهي. اٽڪل 3 ڪروڙ 40 لک ماڻهن جي ان حوالي سان اسڪريننگ ٿي چڪي آهي جڏهن ته اندازي موجب وڌيڪ 90 لک کان هڪ ڪروڙ ماڻهو اهڙا آهن جن جي اسڪريننگ اڃان ٿيڻي آهي. حڪومت شگر جي اسڪريننگ لاءِ 6.8 ارب روپين جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن جي شروعات اسلام آباد مان ڪئي پئي وڃي ۽ بعد ۾ صوبن کي به ان پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو.