آمريڪا جي امڪاني فوجي ڇڪتاڻ جو ڀرپور جواب ڏينداسين: اتر ڪوريا

پيانگ يانگ- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ان جي اتحادين، اتر ڪوريا سان ڪنهن نئين فوجي ڇڪتاڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان به مضبوط جوابي قدم کڻنداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه اترڪوريا جي دفاع واري وزير ڪم سونگ گذريل ڏينهن بيان ۾ چئي. هن چيو ته آمريڪا، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا ان وقت ٻيهر اشتعال انگيز فريڊم ايج  گڏيل فوجي مشقون …

پيانگ يانگ- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ان جي اتحادين، اتر ڪوريا سان ڪنهن نئين فوجي ڇڪتاڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان به مضبوط جوابي قدم کڻنداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه اترڪوريا جي دفاع واري وزير ڪم سونگ گذريل ڏينهن بيان ۾ چئي. هن چيو ته آمريڪا، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا ان وقت ٻيهر اشتعال انگيز فريڊم ايج  گڏيل فوجي مشقون ڪري رهيا آهن ۽ آمريڪا، جاپان ۽ آسٽريليا 8 کان 24 سيپٽمبر تائين اڳ کان وڌيڪ وڏي پيماني جي ايسٽرن شيلڊ گڏيل مشقن جي ڪوششن ۾ آهن. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته آمريڪا، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ٽه ڌري عسڪري تعاون جو نظام بتدريج هڪ جارحاڻي قوت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. آمريڪا جي قيادت ۾ جنگ جون مشقون مسلسل جاري آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ضروري هوندو ته اتر ڪوريا دشمن جي اشتعال انگيزي جو جواب وڌيڪ مضبوط ۽ وڌيڪ پرعزم قدمن ذريعي ڏيندو.