چائنا انٽرنيشنل فيئر فار ٽريڊ ان سروسز 9 سيپٽمبر کان بيجنگ ۾ شروع ٿيندو

بيجنگ- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) چائنا انٽرنيشنل فيئر فار ٽريڊ ان سروسز 9 سيپٽمبر کان بيجنگ ۾ شروع ٿيندو، جيڪو 13 سيپٽمبر تائين جاري هندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان ميلي لاءِ امپورٽ مصنوعات جي پهرين کيپ بيجنگ ڪسٽمز جي نگراني ۾ ڪاميابي سان بيجنگ ۾ شوگانگ يوان پهچي وئي، جنهن ۾ جرمني جي طبي اوزارن جو ماڊل به شامل آهي. ٻڌايو ويو آهي ته اهو مقناطيسي گونج جو طبي …

بيجنگ- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) چائنا انٽرنيشنل فيئر فار ٽريڊ ان سروسز 9 سيپٽمبر کان بيجنگ ۾ شروع ٿيندو، جيڪو 13 سيپٽمبر تائين جاري هندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان ميلي لاءِ امپورٽ مصنوعات جي پهرين کيپ بيجنگ ڪسٽمز جي نگراني ۾ ڪاميابي سان بيجنگ ۾ شوگانگ يوان پهچي وئي، جنهن ۾ جرمني جي طبي اوزارن جو ماڊل به شامل آهي. ٻڌايو ويو آهي ته اهو مقناطيسي گونج جو طبي اوزار انساني جسم جي انتهائي باريڪ حصن جون تصويرن حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ رسولين ۽ اعصابي نظام جي بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. اطلاعن مطابق هلندڙ سال جي ميلي ۾ اٽڪل 90 ملڪ ۽ عالمي تنظيمون پنهنجون نمائشي پويلين قائم ڪنديون، جڏهن ته 1800 کان وڌيڪ ڪمپنيون شرڪت ڪنديون. ان موقعي تي دنيا ۾ پهرين ڀيرو متعارف ٿيندڙ ۽ چين ۾ پهرين ڀيرو نمائش لاءِ پيش ٿيندڙ وڏي انگ ۾ نئين ٽيڪنالاجي ۽ نئين مصنوعات به نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.