وزيراعظم پاران سعودي عرب ۾ شهرين ۽ توانائي جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ حوثين جي بزدلاڻن حملن جي مذمت

اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ شهرين ۽ توانائي جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ حوثين جي بزدلاڻن حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ شهرين ۽ توانائي جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ حوثين جي بزدلاڻن حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ڀائر سعودي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اهڙي طرح جا بزدلاڻا حملا نه رڳو بيگناهه انساني جانين کي خطري ۾ وجهن ٿا پر علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پڻ سنگين خطرو آهن. وزيراعظم چيو ته اسان سعودي عرب جي خودمختياري، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ حملي ۾ زخمي ٿيندڙ سمورن ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون.