اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت اسلام آباد پوليس کي جديد پوليسنگ جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن هتي اسلام آباد پوليس کي …
شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت اسلام آباد پوليس کي جديد پوليسنگ جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن هتي اسلام آباد پوليس کي اليڪٽرڪ گاڏين جي حوالگي جي تقريب کي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. اسلام آباد پوليس کي جديد، محفوظ ۽ ماحول دوست پوليسنگ جي فروغ جي لاءِ 50 اليڪٽرڪ گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن. وفاقي گادي واري شهر ۾ منعقد تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف اليڪٽرڪ گاڏين جون چاٻيون وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد پوليس سيد علي ناصر رضوي جي حوالي ڪيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، مملڪتي وزير طلال چوڌري سميت لاڳاپيل عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم اسلام آباد پوليس کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد پوليس کي ملڪ جي ٻين شهرن جي لاءِ رول ماڊل هجڻ گهرجي. وفاقي گادي واري شهر ۾ شهرين کي محفوظ ماحول جي فراهمي جي لاءِ پوليس کي جديد ٽيڪنالاجي، ساز ۽ سامان ۽ ٻين ضروري وسيلن سان ليس ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد پوليس کي فراهم ڪئي ويندڙ نئين اليڪٽرڪ گاڏين جو مقصد پوليسنگ جي نظام ۾ ماحول دوست ۽ گرين پوليسنگ کي فروغ ڏيڻ آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان پوليس جي ڪارڪردگي ۽ شهرين کي فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد پوليس وزيراعظم کي اسلام آباد پوليس پاران وفاقي گادي واري شهر جي سيڪيورٽي جي لاءِ قائم ڪيل نئين فورس “ڪيپيٽل پيٽرول” جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نئين فورس وزيراعظم جي محفوظ، سمارٽ ۽ گرين ڪيپيٽل جي ويزن تحت جوڙي وئي آهي. ڪيپيٽل پيٽرول فورس ۾ مجموعي طور تي 200 پوليس اهلڪار شامل هوندا. ڪيپيٽل پيٽرول فورس جي هر پيٽرول يونٽ ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت پوليس اهلڪار مقرر هوندي. فورس ۾ موٽرسائيڪل سوار پوليس اهلڪار به شامل هوندا ته جيئن مختلف علائقن ۾ فوري ريسپانس ۽ موثر گشت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪيپيٽل پيٽرول فورس جي سمورن اهلڪارن کي باڊي ڪيمرائن سان ليس ڪيو ويندو جنهن سان پوليسنگ جي عمل ۾ شفافيت، نگراني ۽ جوابدهي کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهبو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيپيٽل پيٽرول فورس جي لاءِ 50 اليڪٽرڪ گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن. سموريون گاڏيون بجلي سان هلن ٿيون جنهن سان ٻارڻ جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي سان گڏوگڏ ماحول تي پڻ مثبت اثر پوندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نئين اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال سان ٻارڻ جي مد ۾ ماهوار اٽڪل 3 ڪروڙ 40 لک رپين جي بچت ٿيندي جڏهن ته هڪ گاڏي جي لاڳت اٽڪل ساڍا 10 مهينن ۾ ٻارڻ جي بچت سان پوري ٿي ويندي. وزيراعظم اسلام آباد پوليس پاران جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، گرين پوليسنگ جي فروغ ۽ شهرين جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ هدايت ڪئي ته جديد پوليسنگ جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم يقيني بڻايا وڃن.












