قوم کي پاڪ بحريه جي پاڪستان جي سامونڊي مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ثابت قدمي سان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي فخر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم کي پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي مهارت، آپريشنل تيارين، سمنڊن جي تحفظ ۽ پاڪستان جي سامونڊي مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ثابت قدمي سان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي فخر آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ بحريه ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ بحريه جي …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم کي پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي مهارت، آپريشنل تيارين، سمنڊن جي تحفظ ۽ پاڪستان جي سامونڊي مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ثابت قدمي سان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي فخر آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ بحريه ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ بحريه جي آفيسرن، جوانن ۽ سويلين اهلڪارن کي سلام ۽ شهيدن ۽ اڳوڻي فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته 1965ع ۾ آپريشن دوارڪا جي دوران ۽  آبدوز غازي جي موجودگي ۾ جنهن بهادري جو مظاهرو ڪيو ويو اهو اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي جيڪو همت، درستگي سان ڪارروائي ۽ اسان جي سامونڊي سرحدن جي دفاع جي لاءِ هڪ اڻٿڪ عزم جو ثبوت آهي.