اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد پوليس جي جديد ڪمانڊ، ڪنٽرول، ڪميونيڪيشن اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. نئين ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سان آءِ جي اسلام آباد پنهنجي آفيس مان سيف سٽي، پوليس آپريشنز ۽ شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي سڌي ريت مانيٽر ۽ ڪمانڊ ڪري سگهندو. تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته ان …
وفاقي گهرو وزير اسلام آباد پوليس جي جديد ڪمانڊ، ڪنٽرول، ڪميونيڪيشن اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد پوليس جي جديد ڪمانڊ، ڪنٽرول، ڪميونيڪيشن اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. نئين ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر سان آءِ جي اسلام آباد پنهنجي آفيس مان سيف سٽي، پوليس آپريشنز ۽ شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي سڌي ريت مانيٽر ۽ ڪمانڊ ڪري سگهندو. تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته ان جديد سينٽر سان اسلام آباد پوليس جي ڪمانڊ، مانيٽرنگ، ڪو آرڊينيشن ۽ فوري فيصلو وٺڻ جي نظام ۾ نمايان بهتري ايندي. سيف سٽي سميت پوليس جي سمورن اهم آپريشنل نظام هڪ مرڪزي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول پليٽ فارم سان ڳنڍجي ويندو. ڪنهن به هنگامي يا سيڪيورٽي صورتحال ۾ آءِ جي اسلام آباد سڌي ريت صورتحال مانيٽر ڪري فوري حڪم جاري ڪري سگهندو. هن چيو ته جديد اي آءِ ۽ ٽيڪنالاجي بيسڊ سسٽمز سان پوليس جي ڪارڪردگي، رسپانس ٽائيم ۽ فيلڊ فورس جي مانيٽرنگ وڌيڪ بهتر ٿيندي. ان مقوعي تي گهرو وزير سينٽر جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ جديد مانيٽرنگ ۽ ڪمانڊ سستم جو به جائزو ورتو. گهرو وزير چيو ته ان جديد نظام سان پوليس جي مختلف يونٽس وچ ۾ رابطو ۽ ڪو آرڊينيشن وڌيڪ بهتر ٿيندو، ان سينٽر سان فيلڊ ۾ پوليس جي ڪارڪردگي اثرائتي نگراني به ممڪن ٿيندي، شهرين جو تحفظ، پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري، ۽ اسلام آباد ۾ امن امان جو قيام اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا.












