پاڪ بحريه جي بهادر سپتون جي جرئت، قرباني ۽ پيشيواراڻين صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پاڪ بحريه جي بهادر سپوتن جي جرئت، قرباني ۽ پيشيواراڻين صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. اڱاري ڏينهن ”ايڪس“ تي يوم بحريه جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته پاڪ بحريه وطن جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ هميشه بي مثال عزم ۽ پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پاڪ بحريه جي بهادر سپوتن جي جرئت، قرباني ۽ پيشيواراڻين صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. اڱاري ڏينهن ”ايڪس“ تي يوم بحريه جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته پاڪ بحريه وطن جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ هميشه بي مثال عزم ۽ پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو آهي. 1965ع جي جنگ ۾ آپريشن دوارڪا اسان جي عسڪري تاريخ جو فخر جوڳو باب آهي، جنهن دشمن خلاف پاڪستان جي سامونڊي قوت، حڪمت عملي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي مڃرايو. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جي محافطن، شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪيون ٿا. پاڪ بحريه اسان جي قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي مضبوط محافظ آهي. هن چيو ته قوم وطن جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ پاڪ بحريه جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.