صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران سينٽرل جيل حيدرآباد جو دورو

حيدرآباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي صوبائي وزير علي حسن زرداري اڱاري جي ڏينهن سينٽرل جيل حيدرآباد جو دورو ڪري قيدين کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ انتظامن جو جائزو ورتو. دوري دوران صوبائي وزير جيل جي باورچي خاني جو خاص معائنو ڪيو، جتي هن صفائي سٿرائي جي انتظامن، کاڌي پيتي جي شين جي معيار ۽ کاڌو تيار ڪرڻ جي طريقيڪار جو جائزو ورتو. هن لاڳاپيل اختيارين کي سخت …

حيدرآباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي صوبائي وزير علي حسن زرداري اڱاري جي ڏينهن سينٽرل جيل حيدرآباد جو دورو ڪري قيدين کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ انتظامن جو جائزو ورتو. دوري دوران صوبائي وزير جيل جي باورچي خاني جو خاص معائنو ڪيو، جتي هن صفائي سٿرائي جي انتظامن، کاڌي پيتي جي شين جي معيار ۽ کاڌو تيار ڪرڻ جي طريقيڪار جو جائزو ورتو. هن لاڳاپيل اختيارين کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته قيدين کي قانون موجب معياري ۽ متوازن خوراڪ جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي. علي حسن زرداري جيل ۾ قيدين سان ملاقات لاءِ ايندڙ ماڻهن سان پڻ خاص ملاقات ڪئي. هن ملاقاتي ماڻهن کان سندن حال احوال معلوم ڪيو، سندن مسئلا ٻڌا ۽ جيل انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ملاقات جي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ آسان بڻايو وڃي، جيئن پري کان ايندڙ وارثن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. صوبائي وزير چيو ته جيل سڌارن وارا ادارا آهن ۽ قيدين جي ڀلائي سان گڏوگڏ سندن انساني حقن جو تحفظ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن جيل انتظاميا کي هدايت ڪئي ته سيڪيورٽي جا اثرائتا انتظام ڪرڻ سان گڏ قيدين جي اصلاح ۽ ڀلائي لاءِ قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.