سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين ۾ آواز ڪارنر جو افتتاح

بدين - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين ۾ آواز ڪارنر جو افتتاح ڪيو ويو، آواز ڪارنر جو باضابطه افتتاح ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي ڪيو جيڪو سامي فائونڊيشن پاران آواز-II پروگرام تحت، ڪيئر پاڪستان جي سهڪار ۽ برطانيا جي حڪومت جي مالي سهائتا سان قائم ڪيو ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي سامي فائونڊيشن جي هن …

بدين – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين ۾ آواز ڪارنر جو افتتاح ڪيو ويو، آواز ڪارنر جو باضابطه افتتاح ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي ڪيو جيڪو سامي فائونڊيشن پاران آواز-II پروگرام تحت، ڪيئر پاڪستان جي سهڪار ۽ برطانيا جي حڪومت جي مالي سهائتا سان قائم ڪيو ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي سامي فائونڊيشن جي هن قدم کي ساراهيندي ان کي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏيندي چيو ته آواز ڪارنر نوجوانن کي پنهنجي برادري کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي اڳتي اچي پنهنجي سماجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ان موقعي تي يونيورسٽي آف سنڌ، لاڙ ڪيمپس بدين جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو چيو ته سامي فائونڊيشن جي سهڪار سان ڪيمپس ۾ آواز ڪارنر قائم ڪرڻ جو مقصد نوجوانن کي اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي، جتي هو تشدد جي واقعن ۽ ٻين سماجي مسئلن جي رپورٽ ڪري سگهن، جيڪي کين، سندن ڀرپاسي جي ماڻهن يا وسيع برادري کي متاثر ڪن ٿا، سامي فائونڊيشن آواز-II پروگرام بدين جي ضلعي مينيجر ساوڻ لطيف جوڻيجو چيو ته سامي فائونڊيشن يونين ڪائونسلن سيراڻي، پير فتح شاهه ۽ ڪاڏي قاضيا ۾ صنفي بنياد تي تشدد (جي بي وي)، ننڍي عمر جي ۽ زوري شادين، انساني اسمگلنگ ۽ ٻارن جي تحفظ سميت مختلف سماجي مسئلن تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي سطح تي ڊسٽرڪٽ فورم قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معذور ماڻهن جي مسئلن ۽ شموليت لاءِ ايس آءِ جي گروپ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته لاڙ ڪيمپس ۾ آواز ڪارنر جو قيام هڪ اهم سنگِ ميل آهي، جيڪو انهن سماجي مسئلن کي سامهون آڻڻ، رپورٽ ڪرڻ ۽ اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو، جيڪي اڪثر لڪل رهجي ويندا آهن ۽ منظر عام تي ناهن ايندا. افتتاحي تقريب ۾ انفارميشن آفيسر عرفان علي جوڻيجو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ عبدالرحمان ڏيٿو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چائلڊ پروٽيڪشن دين محمد ڏيرو، پرنسپل گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول عبدالجبار جوڻيجو بدين زاهد جاکرو سميت ٻين سرڪاري آفيسرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي آواز ڪارنر جي قيام کي نوجوانن جي آواز کي مضبوط ڪرڻ ۽ تشدد، حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ٻين سماجي مسئلن جي نشاندهي، رپورٽنگ ۽ حل لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو ويو.