سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جو شارڪ جي تحفظ لاءِ 10 سالن جو منصوبو

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري شارڪ جي تحفظ ۽ بهتر انتظام لاءِ پاڪستان جي پهرين 10 سالا قومي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن جو مقصد شارڪ جي گهٽ ٿيندڙ آبادي، بحالي ۽ ماهيگيري جو پائيدار انتظام يقيني بڻائڻ آهي. جنيد انوار چوڌري مطابق شارڪ جي تحفظ ۽ انتظام جو قومي منصوبو 2025ع کان 2035ع تائين ٽن مرحلن ۾ …

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري شارڪ جي تحفظ ۽ بهتر انتظام لاءِ پاڪستان جي پهرين 10 سالا قومي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن جو مقصد شارڪ جي گهٽ ٿيندڙ آبادي، بحالي ۽ ماهيگيري جو پائيدار انتظام يقيني بڻائڻ آهي. جنيد انوار چوڌري مطابق شارڪ جي تحفظ ۽ انتظام جو قومي منصوبو 2025ع کان 2035ع تائين ٽن مرحلن ۾ لاڳو ڪيو ويندو. ميرين فشريز ڊپارٽمينٽ ان تي عملدرآمد ڪندو. جڏهن ته لاڳاپيل ادارن تي ٻڌل قومي مشاورتي ڪميٽي نگراني ڪندي. هن ٻڌايو ته منصوبي جي پهرين پنجن سالن لاءِ اٽڪل 38 لک کان 50 لک ڊالر گهربل هوندا، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪاري بجيٽ، عالمي عطيو ڏيندڙن ۽ نجي شعبي کان سهڪار ورتو ويندو. منصوبي تحت شارڪ جي آبادي ۽ ذخيري جي نگراني، مڇي لاهڻ جي جڳهن جي جاچ، ٻيڙين جي نگراني جو نظام نصب ڪرڻ ۽ ماهيگيري دوران حادثاتي طور تي پڪڙيل شارڪ جي مارجڻ کي گهٽ ڪرڻ جا قدم کنيا ويندا. منصوبي جي اڳڀرائيءَ جو ساليانو جائزو جڏهن ته هر ٽن سالن بعد جامع جائزو به ورتو ويندو. قومي منصوبي ۾ شارڪ جا غيرقانوني پَر ڪٽڻ جو عمل روڪڻ، اهم سامونڊي علائقن جي تحفظ، شارڪ بابت تحقيق ۽ ڄاڻ جو نظام بهتر بڻائڻ ۽ ماهيگيري جي قانونن تي عملدرآمد موثر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. شارڪ جا پَر قدرتي طور تي جسم سان گڏ رکڻ جي شرط ۽ مختلف قسمن لاءِ الڳ حفاظتي قدم به کنيا ويندا. ان کان علاوه شارڪ جو محفوظ علائقو قائم ڪرڻ، مينگروز بحال ڪرڻ ۽ حادثاتي طور پڪڙيل شارڪ جي تحفظ لاءِ قدم کنيا ويندا. ماهيگير برداري لاءِ متبادل روزگار جي موقعن ۽ عالمي ادارن سان تعاون به منصوبي جو حصو هوندو. وفاقي وزير چيو ته منصوبو پاڪستان جي سامونڊي ماحول، اداره جاتي صلاحيت ۽ سمنڊ ڪناري آبادين جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آهي ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري جي شارڪ جي تحفظ بابت عالمي هدايتن سان هم آهنگ آهي. هن ٻڌايو ته منصوبي ۾ پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ موجود شارڪ، ڪرن، اسڪيٽ ۽ چيمرائز سميت نرم ۽ لچڪدار ڍانچي وارين سمورين مڇين کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان شارڪ قسمن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو جن جو باقاعده شڪار ڪيو ويندو آهي يا جيڪي ماهيگيري دوران وڏي تعداد ۾ حادثاتي طور تي پڪڙيون وينديون آهن. جنيد انوار چوڌري چيو ته منصوبي مان حاصل ٿيندڙ بهتر ڊيٽا، نگراني جو نظام ۽ قانونن تي عملدرآمد صرف شارڪ نه پر ٻي سامونڊي مخلوق جي تحفظ ۾ به مددگار ٿيندو. هن چيو ته شارڪ جي تحفظ لاءِ قومي منصوبي جي تياري پاڪستان جي عالمي ذميواري به آهي. وفاقي وزير چيو ته سامونڊي وسيلن جو ذميواراڻو استعمال حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته گهٽ تعداد ۾ رهجي ويل يا شڪار لاءِ منع ٿيل شارڪ قسمن جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم اڻٽر آهن. شارڪ جي تحفظ پاڪستان جي قومي ذميواري سان گڏ عالمي ماحولياتي معاهدن تحت عالمي ذميواري به آهي.