اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان پاڪ فضائيه جي جانبازن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فضائي سرحدن محافظن جي جرئت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي خاص بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ملڪي دفاع لاءِ پاڪ فضائيه جون خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن ۽ اسان جي شاهينن جي …
وطن جي دفاع لاءِ اسان جي شاهينن جو ڪردار تاريخ جو روشن باب آهي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان پاڪ فضائيه جي جانبازن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فضائي سرحدن محافظن جي جرئت ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي خاص بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ملڪي دفاع لاءِ پاڪ فضائيه جون خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن ۽ اسان جي شاهينن جي لازوال بهادري جي ڪري پاڪستان جون سرحدون مڪمل طورتي محفوظ آهن. هن ملڪ جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ پاڪ فضائيه جي عظيم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته وطن جي شهيدن جون عظيم قربانيون قوم جي دلين ۾ هميشه زنده رهنديون ۽ دشمن جي ڪنهن به ناپاڪ ارادي کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ اسان جا شاهين هميشه تيار آهن.












