پيرس- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس ۾ مقرر پاڪستاني سفير ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن لاءِ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿو، پاڙيسري ملڪن سان پر امن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته پنهنجي دفاع تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو. سفارتخاني مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن …
پاڪستان عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن لاءِ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿو: ممتاز زهرا بلوچ
پيرس- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس ۾ مقرر پاڪستاني سفير ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن لاءِ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿو، پاڙيسري ملڪن سان پر امن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته پنهنجي دفاع تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو. سفارتخاني مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پيرس ۾ يوم دفاع جي موقعي تي سفارتخاني ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سينيٽر ايليزارڊ، سفارتي ڪور جي ميمبرن، هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي دوستن شرڪت ڪئي. سفير ممتاز زهرا بلوچ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي شهيدن ۽ غازين کي زبردست خراج عقيدت تحسين پيش ڪندي سندن خدمتن ۽ قربانين کي سلام پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪي سلامتي جي ضامن آهي ۽ سڄي قوم پنهنجي بهادر محافظن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. هن 1965ع ۾ پاڪستاني فوج جي بيمثال بهادري ۽ گذريل سال مئي ۾ ڀارتي اڳرائي جي جواب ۾ هٿياربند فوج طرفان عزم، درست حڪمت عملي ۽ پيشيوراڻي مهارت سان دفاع جو ذڪر ڪيو. سفير علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ ملڪ جي خدمتن خاص ڪري گڏيل قومن جي امن مشنز تحت پاڪستان جي ڪردار کي به اجاڳر ڪيو. هن چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پاڪستان جو قومي دفاع رڳو روايتي جنگ جي ميدان تائين محدود ناهي رهيو پر دهشت گردي خلاف جنگ تائين ڦهلجي چڪو آهي، ان فيصلائتي جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ عوام بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڀائيواري قائم ڪرڻ ۽ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته تعاون، ڳالهيون ۽ عالمي قانون سان وابستگي جي ان ئي جذبي تحت پاڪستان خطي ۾ جنگ جي باهه وسائڻ لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تڪرار نٿو چاهي پر پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان امن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته پنهنجي قومي دفاع تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو. سندس چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهو امن قائم ڪرڻ لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ گهرجي.












