آمريڪي صدر پاران ڪينيڊا کي آمريڪا ۾ بمبارڊيئر جهاز وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ جي ڌمڪي

واشنگٽن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا جي ڪمرشل جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني بمبارڊيئر کي آمريڪا ۾ پنهنجا جهاز وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپاري ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ بمبارڊيئر جي مصنوعات کي ”ڪافي سٺو نه“ قرار ڏيندي ڪمپني تي الزام لڳايو هو …

واشنگٽن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا جي ڪمرشل جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني بمبارڊيئر کي آمريڪا ۾ پنهنجا جهاز وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپاري ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ بمبارڊيئر جي مصنوعات کي ”ڪافي سٺو نه“ قرار ڏيندي ڪمپني تي الزام لڳايو هو ته آمريڪي صارفين، ڪمپنين، هوائي اڏن ۽ خدمت تي گهڻو وڌيڪ ڀاڙي رهي آهي. ان بمبار ڊيئر جهازن جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آمدني آمريڪا کان حاصل ٿيندي آهي. هن ڪينيڊا تي آمريڪي بينڪن ۽ ڪمپنين، جن ۾ آمريڪي ڪاروباري جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني گلف اسٽريم ايرواسپيس به شامل آهي، کي ڪينيڊين مارڪيٽ ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جو الزام به لڳايو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هو اسان جي مارڪيٽ چاهين ٿا ته کين هتي (آمريڪا ۾) ٺاهڻو پوندو. آمريڪي صدر شهرين تي به زور ڏنو ته هو آمريڪا ۾ ٺهيل مصنوعات خريد ڪن، آمريڪي ايئر لائنز ذريعي سفر ڪن ۽ آمريڪي مصنوعات استعمال ڪن. آمريڪي صدر جو بيان هلندڙ سال بمبارڊيئر ۽ ڪينيڊين جهازن کي نشانو بڻائڻ جي ٻين وڏي ڌمڪي آهي . 29 جنوري تي آمريڪي صدر چيو هو ته آمريڪا بمبارڊيئر جي گلوبل ايڪسپريس جيٽس ۽ ٻين ڪينيڊين ٺهيل جهازن جي تصديق رد ڪري رهيو آهي. هن اها ڌمڪي به ڏني هئي ته جيڪڏهن ڪينيڊا گلف اسٽريم جي ڪيترن ئي ڪاروباري جهازن جي تصديق نه ڪئي ته آمريڪا ۾ وڪرو ٿيندڙ جهازن تي 50 سيڪڙو ٽيرف لڳايو ويندو.