آرنسل جو فرانسيسي ڊفينڊر ايليسا ڊي الميڊا سان معاهدو طئي ٿي ويو

لنڊن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) آرسنل وومينز منتقلي جي آخري تاريخ جي ڏينهن فرانس جي دفاعي رانديگر ايلسا ڊي الميڊا کي پيرس سينٽ جرمين کان پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا وموجب آرسنل خميس ڏينهن رات 11 وڳي آخري مهلت کان اڳ 28 سالن جي رانديگر ايليسا ڊي الميڊا سان معاهدو مڪمل ڪيو. آرسنل هلندڙ منتقلي ونڊو دوران مرڪزي دفاعي رانديگر جي ڳولها ۾ هو ته جئين …

لنڊن- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) آرسنل وومينز منتقلي جي آخري تاريخ جي ڏينهن فرانس جي دفاعي رانديگر ايلسا ڊي الميڊا کي پيرس سينٽ جرمين کان پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا وموجب آرسنل خميس ڏينهن رات 11 وڳي آخري مهلت کان اڳ 28 سالن جي رانديگر ايليسا ڊي الميڊا سان معاهدو مڪمل ڪيو. آرسنل هلندڙ منتقلي ونڊو دوران مرڪزي دفاعي رانديگر جي ڳولها ۾ هو ته جئين دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي، جڏهن ته ڪلب پهريان ئي اٽيڪنگ ۽ مڊ فيلڊ ۾ نئين رانديگر کانسواءِ 2 وڌيڪ گول ڪيپرز به شامل ڪري چڪو آهي. ايلسيا ڊي الميڊا پي ايس جي سان 5 سالن جي قيام دوران 154 ميچ کيڏيا ۽ 3 گول ڪيا. هن پنهنجي پهرين سيزن کانسواءِ 24-2023ع ۾ به فرانسيسي ڪپ کٽيو ۽ پاڻ کي هڪ پر سڪون ۽ اعتماد جوڳي دفاعي رانديگر طور مڃرايو. فرانس پاران 52 ميچ کيڏندڙ ايلسيا ڊي الميڊا 2023ع وومين ورلڊ ڪپ ۽ 2025ع وومين يورپي چيمپئنشپ ۾ به ملڪ جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ته 2024ع يورپي يونين وومين نيشنز ليگ ۾ رنر اپ فرانسيسي ٽيم جو به حصو هئي. آرسنل سان معاهدي تي ايليسا ڊي الميڊا چيو ته هو ڪلب ۾ شموليت تي انتهائي پرجوش آهي ۽ ننڍپڻ کان ئي آرسنل کي کيڏندي ڏسي رهي آهي ان ڪري هن جرسي کي پائڻ تي فخر آهي.