تعليم انفرادي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۽ مضبوط معاشرن جي جوڙجڪ جو هڪ اهم ذريعو آهي: صدر آصف علي زرداري پاران تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي آئون سمورن پاڪستانين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ پنهنجي انهن مخلص استادن، شاگردن، والدين، تعليمي ماهرن ۽ ڪميونٽي ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جون اڻٿڪ ڪوششون سڄي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ ۾ مددگار آهن. تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي آئون سمورن پاڪستانين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ پنهنجي انهن مخلص استادن، شاگردن، والدين، تعليمي ماهرن ۽ ڪميونٽي ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جون اڻٿڪ ڪوششون سڄي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ ۾ مددگار آهن. تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هن سال جو تعليم جو عالمي ڏهاڙو ان لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهي ته اسان تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي 60هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، عالمي موضوع “ماڻهن، دنيا ۽ خوشحالي جي لاءِ تعليم” جي روشني ۾ هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته تعليم رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت جو نالو نه آهي پر اها ماڻهن کي باخبر فيصلا ڪرڻ، معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي لاءِ علم ۽ اعتماد فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته تعليم انفرادي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۽ مضبوط معاشرن جي جوڙجڪ جو پڻ هڪ موثر ذريعو آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي لاءِ عالمگير تعليم حاصل ڪرڻ رڳو هڪ ترقياتي ضرورت ئي نه پر هڪ اخلاقي ذميواري به آهي. صدر چيو ته وڏي انگ ۾ ٻار اڃا به باقاعده تعليمي نظام کان ٻاهر آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ٻين ٻارن کي معياري تعليمي ماحول تائين پهچ حاصل نه آهي، تنهن ڪري اسان کي تعليم کي رڳو هڪ انگ اکر جي طور تي نه پر ان مستقبل جي عڪاسي جي طور تي ڏسڻ گهرجي جيڪو اسان پنهنجي ملڪ جي لاءِ جوڙي رهيا آهيون. هن چيو ته تعليم کان محروم هر ٻار هڪ ضايع ٿيل صلاحيت جي نمائندگي ڪري ٿو جڏهن ته علم ۽ هنر حاصل ڪندڙ هر شهري هڪ وڌيڪ باصلاحيت ۽ مضبوط پاڪستان جي تعمير جي اسان جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري ٿو. صدر چيو ته تيز رفتار ٽيڪنيڪي تبديلي جي دور ۾ تعليم جي حوالي سان اسان جو طرز عمل به تبديل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بنيادي تعليم سان گڏ تنقيدي سوچ، ڊيجيٽل صلاحيتن ۽ عملي مهارتن کي پڻ فروغ ڏيڻو پوندو ته جيئن ماڻهو تيزي سان علم تي ٻڌل عالمي معيشت ۾ موثر طور تي حصو وٺي سگهن. صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته تعليم جا ثمر پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن جي ٻارن سان گڏوگڏ انهن نوجوانن ۽ بالغ ماڻهن تائين پڻ پهچن جيڪي رسمي تعليم کان محروم رهجي ويا آهن. غيررسمي تعليم، تيز رفتار تعليمي پروگرامن ۽ بالغن جي تعليم جي پروگرامن کي مضبوط بڻائڻ ان سماجي ۽ معاشي ۽ جاگرافيائي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي جيڪي موقعن تائين پهچ محدود ڪن ٿيون. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ قومي ترجيح برقرار رهڻ گهرجي. تعليم يافته عورتون پنهنجي خاندانن ۽ معاشرن جي صحت، تعليم ۽ معاشي ڀلائي ۾ بهتر ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هونديون آهن، عورتن کي تعليم ۽ هنر جي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ هڪ ترقي پسند وفاق جي تعمير جي لاءِ لازمي آهي. صدر چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي انحطاط جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جون ڪوششون پائيدار ترقي جي هدف – 4 (ايس ڊي جي – 4) جي لاءِ پاڪستان جي عزم سان پڻ هم آهنگ آهن جنهن جو مقصد سڀني جي لاءِ جامع ۽ برابر معياري تعليم ۽ سڄي زندگي سکڻ جي موقعن کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته چئلينج جي وسعت ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿي ته تعليم کي گڏيل قومي ذميواري جي طور تي ورتو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته آئون وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، تعليمي ادارن، نجي شعبي، سول سوسائٽي، سرنديءَ وارن ماڻهن ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي علم، جدت ۽ سڄي زندگي سکڻ جي قدر ڪندڙ معاشري جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. آئون خاص طور تي پنهنجي استادن جي خدمتن ۽ انهن جي لڳاءُ کي ساراهيان ٿو، جيڪي ايندڙ نسلن کي تعليم ڏيڻ ۽ انهن جي شخصيت سازي جي اهم ذميواري نڀائي رهيا آهن. قوم جي تعمير ۾ انهن جو ڪردار اسان جي ڀرپور عزت، اداراجاتي سطح تي اعتراف ۽ مسلسل تعاون جو مستحق آهي. هڪ عام خاندان جي لاءِ تعليم روزاني جي زندگي ۾ عملي طور تي نمايان فرق پيدا ڪري سگهي ٿي. اها والدين کي پنهنجي ٻارن جي تعليم ۾ موثر طور تي شريڪ ٿيڻ ۾ مدد ڏي ٿي، ماڻهن کي صحت ۽ عوامي خدمتن بابت معلومات سمجهڻ جي قابل بڻائي ٿي ۽ نوجوانن ۽ بالغ ماڻهن ۾ تعليم، روزگار ۽ موقعن جي حصول جي لاءِ اعتماد پيدا ڪري ٿي. ان لاءِ تعليم تائين پهچ کي وسيع ڪرڻ سڌوسنئون ماڻهن ۽ خاندانن جي لاءِ دستياب موقعن تي اثرانداز ٿئي ٿو. صدر چيو ته اچو اسان سڀ گڏجي اهڙو پاڪستان تعمير ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪريون جتي علم موقعن، برابري ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جو ذريعو بڻجي ۽ جتي تعليم اسان جي عوام کي پنهنجي ڀرپاسي جي دنيا کي سمجهڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ بامعنى ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي. هن دعا ڪئي ته الله تعالى اسان جي گڏيل ڪوششن جي رهنمائي فرمائي ۽ انهن کي برڪت عطا فرمائي.