اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ بحريه جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 8 سيپٽمبر 1965ع جي جنگ دوران پاڪ بحريه جي عزم، بهادري ۽ ثابت قدمي جي ياد تازي ڪندڙ فخر جوڳو ۽ ولولا انگيز ڏينهن آهي، 2025ع جي معرڪه حق دوران به پاڪ بحريه انهي جذبي ۽ اعلى عملي تياري جو مظاهرو ڪيو، مون کي …
پاڪ بحريه جرئت، عزت ۽ وقار سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندي رهندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بحريه ڏهاڙي تي پيغام
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ بحريه جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته 8 سيپٽمبر 1965ع جي جنگ دوران پاڪ بحريه جي عزم، بهادري ۽ ثابت قدمي جي ياد تازي ڪندڙ فخر جوڳو ۽ ولولا انگيز ڏينهن آهي، 2025ع جي معرڪه حق دوران به پاڪ بحريه انهي جذبي ۽ اعلى عملي تياري جو مظاهرو ڪيو، مون کي يقين آهي ته پاڪ بحريه پنهنجي شاندار روايتن کي برقرار رکندي جرئت، عزت ۽ وقار سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندي رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران بحريه ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪ بحريه ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ بحريه جي آفيسرن، جوانن ۽ اهلڪارن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اڄ جي هن تاريخي ڏينهن تي اسان پاڪ بحريه جي شهيدن، غازين، اڳوڻي اهلڪارن ۽ موجوده آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجون بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اڄ به جرئت، قرباني ۽ فرض شناسي جي جذبي سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته 8 سيپٽمبر 1965ع جي جنگ دوران پاڪ بحريه جي عزم، بهادري ۽ ثابت قدمي جي ياد تازي ڪندڙ هڪ فخر جوڳو ۽ ولولا انگيز ڏينهن آهي. انهي ڏينهن پاڪ بحريه ڀارتي سامونڊي ٺڪاڻي دوارڪا جي خلاف تاريخي آپريشن “سومناٿ” ڪاميابي سان سرانجام ڏنو. هڪ وڏي هٿيارن سان ليس دشمن قوت جي مقابلي ۾ اسان جي سامونڊي جهازن انتهائي درستگي سان ڪارروائي ڪندي دشمن جي اهم سامونڊي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ۽ سمنڊ ۾ نفسياتي برتري قائم ڪئي. هندو سمنڊ ۾ اسان جي آبدوز “غازي” جي موجودگي دشمن جي چرپر کي وڌيڪ مفلوج ڪري ڇڏيو ۽ سامونڊي جنگ جي تاريخ ۾ هڪ سنهري باب لکيو. هن چيو ته 2025ع جي معرڪه حق دوران به پاڪ بحريه انهي جذبي ۽ اعلى عملي تياري جو مظاهرو ڪيو جنهن جي ڪري عددي برتري رکندڙ دشمن سمنڊ ۾ ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي کان باز رهيو، موجوده اسٽريٽجڪ منظرنامي ۾ پاڪ بحريه جون ذميواريون ڪيترائي ڀيرا وڌي ويون آهن. پاڪ بحريه اسان جي عالمي سامونڊي مواصلاتي گذرگاهن ۽ واپار جي لاءِ اهم سامونڊي رستن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آبنائي هرمز تي تازي وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سامونڊي سرگرمين ۾ مشڪلاتن جي ڏس ۾ پاڪ بحريه هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي عزم جو مظاهرو ڪندي علائقائي سلامتي جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي باوجود پاڪستاني جهنڊي بردار واپاري جهازن خاص طور تي پيٽروليم مصنوعات کڻي ويندڙ جهازن جي بنا رڪاوٽ اچ وڃ کي يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته روايتي سلامتي جي گهرجن کان وڌي ڪري پاڪ بحريه سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت ۽ پرامن سڃاڻپ جي فروغ ۾ پڻ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان جي امن مشق ۽ امن ڊائيلاگ جهڙن قدمن جو مقصد عالمي سامونڊي برادري کي امن جي لاءِ متحد ڪرڻ آهي. پاڪ بحريه کي خطي ۾ عملي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون، سامونڊي صنعتي رابطن، گڏيل تربيتي مٽاسٽا ۽ سامونڊي سفارتڪاري جي ڏس ۾ ڀرپور خيرسگالي حاصل آهي. هن چيو ته اڄ پاڪ بحريه اسان جي سمنڊن جي هڪ مضبوط ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس محافظ قوت جي طور تي نمايان آهي جنهن پنهنجي قيادت جي اسٽريٽجڪ ويزن ۽ مقامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي جوڙيل جديديت جي پروگرام تحت نمايان ترقي حاصل ڪئي آهي. جديد ترين ميلجم طرز جي ڪارويٽس، هانگور ڪلاس آبدوز، مختلف نوعيت جي فضائي اثاثن ۽ ملڪي سطح تي تيار ڪيل ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائيلن جي ڪامياب شموليت ان عزم جي عڪاس آهي ته اڀرندڙ سامونڊي چئلينجز کي موثر ۽ ڪارائتي انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه کي جديد ۽ مخصوص صلاحيتن سان ليس ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي صلاحيت، نظم ۽ ضبط ۽ عملي تياري تي مڪمل اعتماد آهي. مون کي يقين آهي ته پاڪ بحريه پنهنجي شاندار روايتن کي برقرار رکندي جرئت، عزت ۽ وقار ۽ امتياز سان پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندي رهندي.












