اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 8 سيپٽمبر تي اسان هڪ باوقار ۽ سربلند قوم جي حيثيت سان بحريه ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، آئون پاڪ بحريه جي سمورن آفيسرن، سيلرز ۽ سويلين اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي عزم، بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت سدائين قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي. بحريه ڏهاڙي تي ايوان صدر جي …
پاڪ بحريه جي عزم، بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت سدائين قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي: صدر آصف علي زرداري جو بحريه ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 8 سيپٽمبر تي اسان هڪ باوقار ۽ سربلند قوم جي حيثيت سان بحريه ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، آئون پاڪ بحريه جي سمورن آفيسرن، سيلرز ۽ سويلين اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي عزم، بهادري ۽ پيشيواراڻي مهارت سدائين قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو آهي. بحريه ڏهاڙي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته 7 ۽ 8 سيپٽمبر 1965ع جي وچ واري رات وڏي حفاظتي گهيراءُ ۾ موجود ڀارتي سامونڊي ٺڪاڻي دوارڪا جي خلاف پاڪ بحريه جي جرئتمنداڻي آپريشن سومناٿ اسان کي پنهنجي بحريه جي شاندار ماضي جي ياد ڏياري ٿو، اهو آپريشن نه رڳو پاڪ بحريه جي بهادري ۽ ثابت قدمي جو مظهر هو پر هن هڪ اهڙي مضبوط قوت جو بنياد رکڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو جيڪو خوداعتمادي ۽ دشمن جي دل ۾ خوف پيدا ڪرڻ جي اڻٿڪ عزم سان ليس هو ۽ ملڪ جي سامونڊي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم رهي. هن چيو ته 1965ع جي انهن تاريخي واقعن کانپوءِ پاڪ بحريه پنهنجي سامونڊي سرحدن جي دفاع ۾ انهي بهادري جي جذبي ۽ عزم کي برقرار رکيو آهي. معرڪه حق دوران مئي 2025ع ۾ پاڪ بحريه پنهنجي آپريشنل تياري ۽ اڳواٽ مقررين جي ذريعي دشمن کي موثر طور تي باز رکندي پاڪستان جي سامونڊي مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان جي نتيجي ۾ عددي برتري رکندڙ ڀارتي بحريه کي قابو ۾ رکيو ويو ۽ ان کي پاڪستان جي سامونڊي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جو ڪو موقعو نه ڏنو ويو. صدر آصف علي زرداري چيو ته تازو ئي وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار دوران به پاڪ بحريه آپريشن محافظ البحر جي ذريعي قومي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪ بحريه ملڪ جي توانائي سلامتي ۽ اقتصادي شهه رڳ جي تحفظ ۾ فوري ۽ نمايان ڪردار ادا ڪندي ضروري سامونڊي ذريعن سان توانائي جي فراهمي جي تسلسلي کي يقيني بڻايو. پاڪ بحريه موجوده دور جي ٽيڪنيڪي ترقين سان هم آهنگ رهندي پنهنجي صلاحيتن کي پڻ جديد رخن تي قائم ڪري رهي آهي، جديد جنگي سامونڊي جهازن، اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ هنگور ڪلاس آبدوزن، جيٽ جهازن، بنا پائليٽ جي نظام ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيلن جي شموليت ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪ بحريه هڪ جديد ۽ موثر سامونڊي قوت برقرار رکڻ جي لاءِ پوري ڌيان ۽ عزم سان اڳتي وڌي رهي آهي جيڪا پاڪستان جي سامونڊي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. صدر چيو ته قومي سلامتي ۽ اسان جي سامونڊي حدن جي سالميت يقيني بڻائڻ کانسواءِ پاڪ بحريه سامونڊي سفارتڪاري ۽ علائقائي سلامتي جي فروغ ۾ پڻ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي، گهڻ رخي سامونڊي مشق امن ۽ امن ڊائيلاگ جي ذريعي پاڪ بحريه “امن جي لاءِ گڏ” جي عنوان تحت عالمي تعاون کي فروغ ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪ بحريه قومي ۽ علائقائي هنگامي حالتن دوران هڪ اعتماد جوڳي “فرسٽ ريسپانڊر” جي طور تي خدمتون سرانجام ڏيندي اهم انساني امداد ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ امدادي سرگرمين ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان جڏهن پيچيده سامونڊي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون ته آئون هٿياربند فوج جي مسلسل جديدڪاري ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ رياست جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، مون کي پاڪ بحريه تي مڪمل اعتماد آهي ته پنهنجي اعلى پيشيواراڻي قدرن ۽ ٽيڪنيڪي برتري سان اها بهادري، وقار ۽ پيشيواراڻي مهارت جي ذريعي سامونڊي مفادن جو تحفظ جاري رکندي.












