اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سڀني جي لاءِ برابر، جامع ۽ معياري تعليم يقيني بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، تعليم انفرادي ۽ قومي معيارِ زندگي جي تعين ۽ هر شعبي ۾ ترقي ۽ خوشحالي طرف رخ مقرر ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو …
حڪومت سڀني جي لاءِ برابر، جامع ۽ معياري تعليم يقيني بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سڀني جي لاءِ برابر، جامع ۽ معياري تعليم يقيني بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، تعليم انفرادي ۽ قومي معيارِ زندگي جي تعين ۽ هر شعبي ۾ ترقي ۽ خوشحالي طرف رخ مقرر ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران تعليم جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته تعليم جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان دنيا سان هڪ آواز ٿي تعليم ۽ تدريس جي جذبي ۽ علم سکڻ جي طلب کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، تعليم انفرادي ۽ قومي معيار زندگي جي تعين ۽ هر شعبي ۾ ترقي ۽ خوشحالي طرف رخ مقرر ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته هن سال تعليم جو عالمي ڏهاڙو “ماڻهن، دنيا ۽ خوشحالي جي لاءِ تعليم” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. تعليم ماڻهو کي بااختيار، باشعور بڻائي ٿي ته جيئن معاشرتي پائيدار ترقي جي منزل حاصل ڪري سگهجي، تعليم جي فروغ ۽ تعليم ۽ تدريس ۾ گڏيل تعاون بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي انفرادي، قومي ۽ عالمي ترجيح هجڻ گهرجي ته جيئن انسان جي گڏيل مفادن ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جهڙن مثبت قدرن کي فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته قومي سطح تي حڪومت سڀني جي لاءِ برابر، جامع ۽ معياري تعليم يقيني بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي جنهن ۾ ڊيجيٽل تعليم، هنرمندي جي فروغ، تحقيق ۽ جدت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، وفاقي حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح وڌائڻ ۽ تعليمي ڌرين ۾ شامل شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ موجوده دور سان هم آهنگ تعليم جي فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل اڪائين سان گڏجي جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته تعليمي ڌارا کان ٻاهر ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا جي لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي پروگرام شروع ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ دانش اسڪولز جهڙا قدم ان عزم جا عڪاس آهن ته ڪنهن به ٻار جي لاءِ معياري تعليم حاصل ڪرڻ جو دارومدار ان جي سماجي ۽ معاشي حالتن تي نه هجڻ گهرجي، مستحق ۽ پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ ٻارن خاص طور تي يتيم ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم فراهم ڪري اهي ادارا صلاحيتن کي وڌائڻ، اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ بهتر مستقبل جون راهون هموار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن. اهڙيون ڪوششون معياري تعليم کي سماجي ترقي ۽ قومي شموليت جو ذريعو بڻائڻ جي اسان جي عزم جون عڪاس آهن. هن چيو ته تعليمي موقعن جي فراهمي کانسواءِ نوجوان افرادي قوت جي عالمي معيار موجب ۽ عالمي سطح تي مڃيل ۽ ڪارائتي هنرمندي جي لاءِ قومي سطح تي نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن کي موثر ۽ فعال ڪيو ويو آهي ته جيئن نوجوانن کي باعزت روزگار، ڪاروبار ۽ معاشي موقعن جي سگهه طرف وٺي وڃي سگهجي، تعليم، هنرمندي جي فروغ ۽ بدلجندڙ افرادي قوت جي گهرجن جي وچ ۾ رابطي کي مضبوط بڻائي اسان نوجوانن کي معيشت ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ فعال حصيدار بڻائي سگهون ٿا. هن چيو ته تعليم جي ثمرن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ عورتن جي تعليم ۽ خودمختيار بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ به لازمي آهي. ملڪ جي جامع ترقي ان ڳالهه تي منحصر آهي ته عورتن کي پنهنجون صلاحيتون نکارڻ ۽ قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جا برابر موقعا حاصل هجن، بهتر تعليمي شرح ۽ معياري تعليمي نظام جهڙي قومي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت، تعليمي ادارن، شاگردن، استادن، والدين، سول سوسائٽي، ترقياتي حصيدارن، نجي شعبي ۽ ميڊيا سڀني کي گڏيل تعاون ۽ متحد ٿي موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اچو اسان عزم ڪريون ته اسان بحيثيت قوم پنهنجي نوجوان نسل کي علم جي روشني سان منور ڪنداسين ۽ ترقي تي ٻڌل خوشحال، باڪمال مستقبل کي يقيني بڻائينداسين.












