پاڪ بحريه وطن جي دفاع ۽ ملڪي سامونڊي حدن جي تحفظ لاءِ هميشه عزم، جرئت ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد-  08 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  سردار اياز صادق پاڪ بحريه جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ بحريه وطن جي دفاع ۽ ملڪي سامونڊي حدن جي تحفظ لاءِ هميشه عزم، جرئت ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي. بحريه جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي پاڪ بحريه جي انهن بهادر …

اسلام آباد-  08 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر  سردار اياز صادق پاڪ بحريه جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ بحريه وطن جي دفاع ۽ ملڪي سامونڊي حدن جي تحفظ لاءِ هميشه عزم، جرئت ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي. بحريه جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي پاڪ بحريه جي انهن بهادر پٽن جي قربانين ۽ خدمتن جي ياد ڏياري ٿو جن وطن جي دفاع لاءِ پنهنجيون جانيون ڏنيون، سردار اياز صادق 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ بحريه جي ڪارڪردگي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته آپريشن دوارڪا پاڪ بحريه جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي جنهن ۾ دشمن جي اهم سامونڊي ٺڪاڻن ۽ ريڊار اسٽيشن کي نشانو بڻايو. هن چيو ته هن جنگ دوران آبدوز غازي سامونڊي محاذ تي پنهنجون آپريشنل ذميوارين موثر انداز سان نڀائيندي دشمن جي سامونڊي چرپر کي محدود رکيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته حق جي ويڙهه دوران پاڪ بحريه ملڪي سامونڊي حدن جي تحفظ ۽ قومي دفاع لاءِ پنهنجون ذميواريون ڀرپور انداز ۾ نڀايون. هن چيو ته چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف جي اڳواڻي ۾ پاڪ بحريه پيشيوراڻي مهارت، عزم ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج جي گڏيل پيشيوراڻي صلاحيت، گڏيل تعاون ۽ قومي جذبي ثابت ڪيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جي معيشت، واپار، تزويراتي سلامتي ۾ سامونڊي رستن جي بنيادي اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪ بحريه جو ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي. پاڪ بحريه ملڪ جي سامونڊي حدن ۽ قومي خودمختياري جي تحفظ لاءِ ساراهه جوڳيون خدمتون انجام ڏئي رهي آهي.