اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن بابت ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته ڪارپوريشن جي بندش جي عمل سان گڏوگڏ سموريون قانوني، مالي ۽ انتظامي گهرجون به پوريون ڪيون وڃن. اها ڳالهه هن سومر ڏينهن پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن (پاسڪو) ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش جي عمل ۾ اڳڀرائي ۽ ان عمل …
ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، پاسڪو ۽ يوٽيلٽي اسٽورز جي بندش تي اڳڀرائي جو جائزو
اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن بابت ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته ڪارپوريشن جي بندش جي عمل سان گڏوگڏ سموريون قانوني، مالي ۽ انتظامي گهرجون به پوريون ڪيون وڃن. اها ڳالهه هن سومر ڏينهن پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن (پاسڪو) ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش جي عمل ۾ اڳڀرائي ۽ ان عمل جي تڪميل لاءِ گهربل باقي قدمن جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس ۾ چئي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب سومر ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش جي عمل ۾ هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ منظور ٿيل ملازمن جي سيورنس پئڪيج تي عملدرآمد، تصديق ٿيل وينڊر بقايائن جي ادائيگي، اسٽاڪ جي واپسي ۽ خاتمي جڏهن ته اثاثن ۽ ملڪيتن جي انتظامن بابت قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملازمن کي ادائيگيون ۽ تصديق ٿيل رهتن جي ادائيگي جي معاملي ۾ واضح اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ ان مقصد لاءِ ضروري آڊٽ ۽ تصديقي نظام به جوڙيو ويو آهي. ملازم ۽ ٻين لاڳاپيل ڪليمز جي درست سڃاڻپ ۽ تصديق يقيني بڻائڻ لاءِ بايوميٽرڪ تصديق ۽ مددگار دستاويزن سميت مختلف قدم به کنيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو آهي ته وينڊرز جي رهتن جي ادائيگي ۾ به جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي، تصديق ٿيل ڪليمز جي جاچ پڙتال مڪمل ڪري ادائيگيون ڪيون ويون آهن، اجلاس ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي بندش کانپوءِ باقي رهيل اسٽاڪ جي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته برانڊڊ ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون وڏي مقدار ۾ واپس ڪيون ويون آهن يا مقرر طريقيڪار تحت ختم ڪيون ويون آهن، جڏهن به باقي رهيل اسٽاڪ کي به ضابطي موجب اڪلائڻ جو عمل جاري آهي. اجلاس ۾ ريڪس ۽ ٻين اثاثن جي نيلامي جي حوالي سان به اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. آءِ ٽي اوزارن ۽ گاڏين جي صورتحال به غور هيٺ آئي ۽ ٻڌايو ويو ته انهن جي منتقلي لاءِ آڊٽ ۽ تصديقي عمل جاري آهي. اجلاس ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي اثاثن جي نيلامي يا منتقلي لاءِ مناسبت انتظامن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي. وفاقي وزير يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن بابت ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو نوٽيس ورتو ۽ ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۽ قانوني معاملن کي موثر انداز ۾ ڏسڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ پاسڪو جي بندش جي عمل ۾ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو پڻ ورتو ويو جنهن ۾ موجود اسٽاڪ جي صورتحال ۽ باقي رهيل معاملن جي تڪميل لاءِ ڪيل انتظام به شامل هئا. اجلاس ۾ مختلف صوبن ۾ موجود پاسڪو جي اسٽاڪ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل صوبن جي ضرورتن ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي ان اسٽاڪ جي منتقلي لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن. ناڻي واري وزير صوبائي عملدارن سان ويجهو رابطو ۽ موثر تعاون جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انهن معاملن جي ڪري ٻنهي ادارن جي مجموعي بندش جوعمل دير جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. سينيٽر محمد اورنگزيب بندش جي عمل ۾ اڳڀرائي جي رفتار برقرار رکڻ ۽ باقي رهيل ڪمن کي واضح ذميوارين ۽ قابل عمل مدي جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ جامع انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته مقصد اهو هجڻ گهرجي ته ٻنهي ادارن جي بندش جي عمل کي منطقي انجام تائين پهچايو وڃي، جڏهن ته سرڪاري وسيلن جو تحفظ ۽ هر مرحلي تي شَفافيت يقيني بڻائي وڃي.












