اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ صحت واري وفاقي وزير کي اسلام آباد هيلٿ ريگوليٽري اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ماهرن پمز اسپتال جي دوري ۽ جائزي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صحت واري وزارت مطابق اسلام آباد …
وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس، اسلام آباد هيلٿ ريگوليٽري اٿارٽي جي ماهرن جي پمز اسپتال جي حوالي سان بريفنگ
اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ صحت واري وفاقي وزير کي اسلام آباد هيلٿ ريگوليٽري اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ماهرن پمز اسپتال جي دوري ۽ جائزي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صحت واري وزارت مطابق اسلام آباد هيلٿ ريگوليٽري اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ماهرن پمز اسپتال جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن، خدمتن ۽ مجموعي ڪارڪردگي جو مقرره معيار مطابق جائزو ورتو. ٽيڪنيڪل ماهر پمز اسپتال جي ڪلينيڪل، سرجيڪل، ميڊيڪل، ريڊيولوجي ۽ انتظامي شعبن جو تفصيلي جائزو وٺندا. صحت وزارت مطابق مختلف مقرره انڊيڪيٽرز جي بنياد تي پمز اسپتال جي معيار، خدمتن ۽ مريضن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن جو جائزو ورتو ويندو. ٽيڪنيڪل ماهرن جائزي کانپوءِ پمز اسپتال ۾ بهتري آڻڻ، خدمتن جي معيار کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ اسپتال کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ جامع سفارشون جوڙيندا. وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال هدايت ڪئي ته پمز اسپتال ۾ مريضن کي معياري طبي سهولتن جي فراهمي ۽ اسپتال جي انتظامي ۽ طبي نظام ۾ بهتري کي يقيني بڻايو وڃي.












