اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه 31 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر 2026ع تائين رياض ۾ منعقد ٿيل عالمي ٽيڪنالاجي نمائش ”ليپ 2026ع“ جو ڪامياب دورو مڪمل ڪري ورتو آهي. ان نمائش ۾ پاڪستان ”ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان“ جي برانڊ هيٺ ملڪ جي سڀ کان وڏي قومي نمائندگي ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي ڊجيٽل صلاحيتن، جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ماحولياتي …
آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه جو سعودي عرب جو دورو مڪمل، ليپ 2026ع ۾ شرڪت سميت اهم ملاقاتون
اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه 31 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر 2026ع تائين رياض ۾ منعقد ٿيل عالمي ٽيڪنالاجي نمائش ”ليپ 2026ع“ جو ڪامياب دورو مڪمل ڪري ورتو آهي. ان نمائش ۾ پاڪستان ”ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان“ جي برانڊ هيٺ ملڪ جي سڀ کان وڏي قومي نمائندگي ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي ڊجيٽل صلاحيتن، جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي ماحولياتي نظام (ايڪو سسٽم) کي پيش ڪيو ويو ۽ اهم سيڙپڪاري، حصيداري ۽ عالمي ڌيان حاصل ڪيو ويو. دوري دوران وفاقي وزير ”ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان پويلين“ جو افتتاح ڪيو، اسان هڪ ڊجيٽل قوم ڪيئن ٺاهي“ جي عنوان سان اهم خطاب ڪيو ۽ ڪانفرنس جي موقعي تي اهم ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. آءِ واري وزير الجزائر، بارباڊوس، ايسواتيني ۽ سيريا جي وزيرن سان ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن جي سيڪريٽري جنرل ديمه اليحي سان گڏ ”ترقي جو نظم ۽ ضبط، اي آءِ جي دور ۾ انسان دوست ڊجيٽل معيشتن جي تعمير“ جي عنوان سان پينل مباحثي ۾ به شرڪت ڪئي. پنهنجي مُک خطاب ۾ وفاقي وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن ۽ خصوصي سيڙپڪار سهولت ڪائونسل جي معاونت تحت پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي جي سفر کي اجاگر ڪيو. هن ”ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ“ ڪنڪٽيويٽي ۾ ڪيل وڏي سيڙپڪاري سميت خطي جي سڀ کان وڏي فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪيل سڌارن تي روشني وڌي. ڪانفرنس دوران وفاقي وزير ڪيتريون ئي اعليٰ سطحي ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جن ۾ سعودي عرب جي مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزير عبدالله السواحه، الجزائر جي ناليج اڪانومي، اسٽارٽ اپس ۽ مائيڪرو انٽرا پرائيز واري وزير ڊاڪٽر نور الدين واداح، ڏکڻ ڪوريا جي سائنس ۽ آءِ سي ٽي واري وزير هاءِ ڪيونگ هون، ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن جي سيڪريٽري جنرل ديمه اليحي، نيشنل ٽيڪنالاجي ڊولپمينٽ پروگرام جي سي اي او ابراهيم نياز، سعودي ڊيٽا اينڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارٽي جي صدر عبدالله بن شرف الغامدي، نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي جي گورنر انجينئر ماجد بن محمد المزياد، گو ٽيلي ڪام جي سي اي او يحيٰ صالح المنصور، موزون جي سي اي او ڊاڪٽر محمد الحسين ۽ منشات (Monsha’at)جو ڊپٽي گورنر سعود خالد الصبحان شامل آهن. هن دوري دوران پاڪستان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت ۽ سعودي عرب جي نيشنل سائبر سيڪيورٽي اٿارٽي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون جنهن جو مقصد اڀرندڙ سائبر خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مهارت ۽ بهترين حڪمت عملين جي مٽاسٽا ذريعي ٻطرفي سائبر سيڪيورٽي تعاون کي مضبوط بڻائڻ آهي. وفاقي وزير ”ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان پويلين“ جو باضابطه افتتاح ڪيو، جنهن ۾ 25 اسٽارٽ اپس ۽ 50 کان وڌيڪ ناليواريون پاڪستاني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون مصنوعي ذهانت، آٽوميشن ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ پنهنجا تيار ڪيل حل پيش ڪيا. ليپ 2026ع ۾ پاڪستان جي شرڪت جو مقصد بي ٽو بي حصيدارين کي هٿي ڏيڻ، عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ملڪي ٽيڪنالاجي جي شعبي لاءِ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي کي وڌائڻ هو. هن ڪانفرنس سان پاڪستاني اسٽارٽ اپس کي ٺوس ۽ مثبت نتيجا حاصل ٿيا.












