اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته اتر جابلو علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ بارکاڻ ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جڏهن ته اتر جابلو علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ بارکاڻ ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي، دادو 42 ۽ تربت ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












