لاڙڪاڻي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال تڪ جي حقدارن ۾ سولر پليٽون، سلائي مشينون، ليپ ٽاپس ۽ ٻيو سامان ورهايو

لاڙڪاڻو - 07 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سنڌ جي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، پ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال ۽ دڙي ٽائون جي چيئرمين شاھ رخ انور سيال ،سيال هائوس انور آباد ۾ پي ايس 12 تعلقي لاڙڪاڻي ۽ باقراڻي سان واسطو رکندڙ مستحق ماڻهن ۾ سولر پليٽون، عورتن ۾ سلائي مشينون، معذورن ۾ ويل چيئرز ۽ …

لاڙڪاڻو – 07 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سنڌ جي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، پ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال ۽ دڙي ٽائون جي چيئرمين شاھ رخ انور سيال ،سيال هائوس انور آباد ۾ پي ايس 12 تعلقي لاڙڪاڻي ۽ باقراڻي سان واسطو رکندڙ مستحق ماڻهن ۾ سولر پليٽون، عورتن ۾ سلائي مشينون، معذورن ۾ ويل چيئرز ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين وچ ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب ڪوٺائي ، جنهن ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ اسد کرل، سيد رياض شاھ، غلام رسول لغاري، علي مراد ابڙو، نديم سيال، ذوالقرنين سيال، محمد يوسف ڏيٿو، علي رضا سومرو، مهراڻ انصاري سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي سهيل انور سيال چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر جي خاص هدايتن تي پي ايس 12 تعلقي لاڙڪاڻي ۽ باقراڻي جي سمورن يونين ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن ۾ ترقياتي ڪمن سان گڏ عوامي ڀلائي جا منصوبا جاري آهن. هن چيو ته اسٽريٽ لائيٽن جي انسٽاليشن، مستحق خاندانن ۾ سولر پليٽون، پنکا، سلائي مشينون، معذور ماڻهن لاءِ ويل چيئرون ۽ شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ جو مقصد غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته اڄ ان ئي پروگرام جي تسلسل ۾ باقراڻي ۽ لاڙڪاڻي تعلقي جي مستحق ماڻهن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو آهي، جڏهن ته اهڙا فلاحي پروگرام مستقبل ۾ به جاري رهندا،هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هجي يا اپوزيشن ۾، عوام جي خدمت کي هميشه پنهنجي اولين ترجيح بڻايو آهي، ۽ پارٽي جي نمائندن جا دروازا 24 ڪلاڪ عوام لاءِ کليل رهندا آهن،هن وڌيڪ چيو ته عوام سان محبت، خدمت ۽ ويجهڙائپ ئي پيپلز پارٽي جي سياست جو بنيادي محور آهي، جنهن سبب عوام جو اعتماد اڄ به پارٽي سان گڏ آهي.