حنا رباني کي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي سينئر ميمبر حنا رباني کر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي آڊٽ رپورٽ 25-2024ع جو جائزو وٺڻو هو، جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري جي غير موجودگي سبب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي سينئر ميمبر حنا رباني کر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي آڊٽ رپورٽ 25-2024ع جو جائزو وٺڻو هو، جڏهن ته پرڏيهي سيڪريٽري جي غير موجودگي سبب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو. اجلاس جي شروعات تي سيد نويد قمر چيو ته سمورا ڪيسز 10ملين کان گهٽ آهن ان لاءِ ان کي ذيلي ڪميٽي حوالي ڪرڻ گهرجي. حنا رباني کر جي پڇاڻي تي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته پرڏيهي سيڪريٽري هن وقت اجلاس ۾ نٿو اچي سگهي، ڇاڪاڻ ته هو وزيراعظم آفيس ۾ آهي، ڪميٽي چيو ته پي اي سي جو اجلاس هلي رهيو آهي ۽ کيس هن وقت هتي هجڻ گهرجي ها، حنا رباني کر چيو ته ميمبر سفر ڪري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اچن ٿا، انهن جا پيٽرول ۽ هوائي ٽڪيٽ تي خرچ اچن ٿا، ان جو ذميوار ڪير آهي، سمورن ميمبرن جي سفارش تي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پرڏيهي سيڪريٽري جي اجلاس ۾ غير حاضري جي حوالي سان وزيراعظم کي خط ۾ لکت طور پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي.