اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سي ڊي اي جي فيسليٽيشن سينٽر جو اوچتو دورو ڪيو، وفاقي وزير فيسلٽيشن سينٽر ۾ موجود شهرين کان سڌي ريت مسئلا پڇيا. گهرو وزير فيسليٽيشن سينٽر ۾ ايجنٽس جي موجودگي جو سخت نوٽيس وٺندي ايجنٽس خلاف ڀرپور ايڪشن جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته فيسليٽيشن سينٽر ۾ ڪو ايجنٽ نظر نه اچڻ گهرجي، وفاقي وزير سينئر …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير جو سي ڊي اي فيسليٽيشن سينٽر جو اوچتو دورو، شهرين کان مسئلا پڇيا
اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سي ڊي اي جي فيسليٽيشن سينٽر جو اوچتو دورو ڪيو، وفاقي وزير فيسلٽيشن سينٽر ۾ موجود شهرين کان سڌي ريت مسئلا پڇيا. گهرو وزير فيسليٽيشن سينٽر ۾ ايجنٽس جي موجودگي جو سخت نوٽيس وٺندي ايجنٽس خلاف ڀرپور ايڪشن جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته فيسليٽيشن سينٽر ۾ ڪو ايجنٽ نظر نه اچڻ گهرجي، وفاقي وزير سينئر سٽيزن ڪائونٽر جو به دورو ڪيو ۽ بزرگ شهرين جي مسئلن کي فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير ڪائونٽرز تي ڊگهين قطارن، رش ۽ انتظار تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته فيسليٽيشن سينٽر ايندڙ شهرين کي بهترين انداز ۾ مينيج ڪيو وڃي. گهرو وزير عمارت جي رنگ روغن سان گڏوگڏ نوان ڪائونٽرز ٺاهڻ جو پڻ حڪم ڏنو.












