تهران- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران ۾ پاڪستان جي سفير عمران احمد صديقي قوم جي خدمت ۾ قربانيون ڏيندڙ پاڪستان جي هٿياربند فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ گذريل رات پاڪستان هائوس ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اختلافن جي حل لاءِ سفارتڪاري ڳالهين ۽ گڏيل اعتماد سازي …
پاڪستان پنهنجي خودمختياري، سنڌ طاس جي اهم آبي وسيلن سميت پنهنجي حقن ۽ قومي مفادن جو تحفظ جاري رکندو: پاڪستاني سفير
تهران- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران ۾ پاڪستان جي سفير عمران احمد صديقي قوم جي خدمت ۾ قربانيون ڏيندڙ پاڪستان جي هٿياربند فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ گذريل رات پاڪستان هائوس ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اختلافن جي حل لاءِ سفارتڪاري ڳالهين ۽ گڏيل اعتماد سازي کي بهترين ذريعو سمجهي ٿو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري کي درپيش ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي ۽ سنڌ طاس معاهدي جي اهم آبي وسيلن سميت پنهنجي حقن ۽ قومي مفادن جو هر جائز ذريعي سان تحفظ جاري رکندو. پاڪستاني سفير چيو ته قومي سلامتي جو تصور صرف روايتي سيڪيورٽي تائين محدود ناهي پر ان ۾ معاشي مضبوطي، سماجي ترقي، فني صلاحيت ۽ توانائي، خوراڪ، پاڻي ۽ صحت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي رياستي صلاحيت به شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي دفاع ۾ جانيون قربان ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو به بهترين طريقو اهو آهي ته اهڙو ملڪ تعمير ڪيو وڃي جيڪو نه رڳو محفوظ ۽ خوشحال هجي پر ايترو پراعتماد به هجي جو ٽڪراءُ ۽ جنگ بدران امن ۽ ڳالهين جي چونڊ ڪري. پاڪستاني سفير تقريب جي خاص مهمان ايران جي نائب بچاءُ واري وزير ۽ بچاءُ واري وزارت ۽ هٿياربند فوج جي لاجسٽڪس جي شعبي جي عالمي لاڳاپن بابت ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر جنرل سيد حمزه غلنداري جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته سندس شرڪت پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته اسان هلندڙ سال جي شروعات کان پنهنجي لاڳاپن ۾ هڪ نئون باب شروع ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي سياسي ۽ عسڪري قيادت هن انتهائي اهم تعلق کي مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ ۾ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو آهي.












