حيدرآباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ڦر جي واردات جو ڪوڙو ڊرامو ڪندڙ هڪ شخص نظام الدين خشڪ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 3 لک 50 هزار روپيه هٿ ڪري ورتا آهن. پوليس موجب ٻه ڏينهن اڳ ڪميونيڪيشن شاپ جي مالڪ ارشاد عباسي مارڪيٽ پوليس کي اطلاع ڏنو ته سندس دڪان تي ڪم ڪندڙ ملازم نظام الدين خشڪ کان لبرٽي چوڪ تان اڻڄاتل هٿياربند مبينا …
حيدرآباد ۾ پوليس ڦر جي واردات جو ڪوڙو ڊرامو ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري 3 لک 50 هزار روپيه هٿ ڪري ورتا
حيدرآباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ڦر جي واردات جو ڪوڙو ڊرامو ڪندڙ هڪ شخص نظام الدين خشڪ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 3 لک 50 هزار روپيه هٿ ڪري ورتا آهن. پوليس موجب ٻه ڏينهن اڳ ڪميونيڪيشن شاپ جي مالڪ ارشاد عباسي مارڪيٽ پوليس کي اطلاع ڏنو ته سندس دڪان تي ڪم ڪندڙ ملازم نظام الدين خشڪ کان لبرٽي چوڪ تان اڻڄاتل هٿياربند مبينا طور تي ساڍا 3 لک روپيه ڦري ويا آهن، جنهن بعد پوليس جاچ شروع ڪئي پر ڪا به شاهدي نه ملي. ان دوران پوليس دڪان جي ملازم نظام خشڪ کان به جاچ شروع ڪئي، جنهن دوران هو ڪو به تسلي جوڳو جواب نه ڏئي سگهيو ۽ آڏي پڇا دوران نيٺ هن پاڻ ئي اعتراف ڪيو ته کائنس ڪا به ڦر نه ٿي آهي، پر سندس نيت ۾ لالچ اچي وئي هئي ۽ دڪان مالڪ جا پيسا ڦٻائڻ لاءِ هن ڦر جو ڪوڙو ڊرامو رچايو. پوليس موجب دڪان مالڪ جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.











