حيدرآباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) 53 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام سان لاڳاپيل 37 تربيت هيٺ آفيسرن سنڌ جي مطالعاتي دوري جي سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو دورو ڪيو، جتي کين زرعي تعليم ۽ تحقيق، جديد زراعت، موسمياتي تبديلي، آبي وسيلن جي انتظام، پائيدار زرعي ترقي ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان يونيورسٽي جي ڪردار بابت آگاهي ڏني وئي. وفد جي اڳواڻي ٽريننگ سينٽر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اختر …
ڪامن ٽريننگ پروگرام جي 37 آفيسرن جو سنڌ زرعي يونيورسٽي جو مطالعاتي دورو
حيدرآباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) 53 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام سان لاڳاپيل 37 تربيت هيٺ آفيسرن سنڌ جي مطالعاتي دوري جي سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو دورو ڪيو، جتي کين زرعي تعليم ۽ تحقيق، جديد زراعت، موسمياتي تبديلي، آبي وسيلن جي انتظام، پائيدار زرعي ترقي ۽ غذائي تحفظ جي حوالي سان يونيورسٽي جي ڪردار بابت آگاهي ڏني وئي. وفد جي اڳواڻي ٽريننگ سينٽر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اختر محمود، محمد اعجاز ۽ آفتاب اڪرم چوهاڻ ڪئي. مطالعاتي دورو سيڪريٽريٽ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد پاران منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد تربيت هيٺ آفيسرن کي ملڪ جي اهم سرڪاري ۽ تعليمي ادارن جي عملي مشاهدي جو موقعو فراهم ڪرڻ ۽ گورننس، علائقائي صورتحال ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي بابت سندن سمجهه ۾ اضافو ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ تعارفي ويھڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي پنهنجي قيام جا 50 سال مڪمل ڪرڻ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ ملڪ جي زرعي تدريسي ۽ تحقيقي ادارن سان گڏ سرڪاري ۽ خانگي شعبن لاءِ تربيت يافته افرادي قوت فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. يونيورسٽي زرعي جنس، وٽرنري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، بينڪنگ ۽ سماجي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ بنيادي ۽ تحقيقي ذريعي پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، هن چيو ته مختلف سببن جي ڪري پاڪستان جي زرعي پيداوار اڃا تائين گھربل صلاحيت مطابق ناهي، ان ڪري ملڪ کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان هن وقت درست ۽ ڊيٽا تي ٻڌل زراعت جي شروعاتي مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته اسمارٽ ايگريڪلچر ۽ روبوٽڪ ايگريڪلچر جي شعبن ۾ پڻ وڌيڪ اڳڀرائي جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ باوجود زرعي شعبي مان مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ اٽڪل 24 سيڪڙو حصو حاصل ڪري رهيو آهي، تنهنڪري زرعي پيداوار وڌائڻ، پاڻي جي بهتر استعمال، جديد ٽيڪنالاجي جي واڌاري ۽ موسمياتي تبديلين سان مطابقت پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل ۽ مربوط قدم کڻڻ لازمي آهن، هن تربيت هيٺ آفيسرن کي چيو ته مستقبل قريب ۾ اهي مختلف سرڪاري ادارن جون اهم ذميواريون سنڀاليندا، تنهنڪري کين ادارن جي نظام، عوامي مسئلن ۽ ملڪي معيشت جي بنيادي شعبن کي سمجهي پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻيون پونديون، وائيس چانسلر چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي گهٽ آمدني وارن خاندانن جي شاگردن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ فيسن ذريعي معياري تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ڊين فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن ۽ ايڊوائزر ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي وفد کي يونيورسٽي جي تعليمي پروگرامن، تحقيقي سرگرمين، انفراسٽرڪچر ۽ مختلف شعبن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اختر محمود، محمد اعجاز ۽ فاطمه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي تدريسي ماحول، تحقيقي سرگرمين، انفراسٽرڪچر ۽ مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ ڪوششن کي ساراهيندي يونيورسٽي کي قومي سطح جي اهم يونيورسٽي قرار ڏنو، مطالعاتي دوري دوران وفد هارٽي ڪلچر گارڊن، اسپورٽس ڪمپليڪس، ملير ماڊل فارم، فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن جي مختلف ليبارٽرين ۽ ٻين تدريسي ۽ انتظامي شعبن جو پڻ دورو ڪيو.











