پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ٻوڏ کان تحفظ جي منصوبي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ٻوڏ کان تحفظ جي منصوبي لاءِ معاهدي تي صحيحون ٿيون. اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان سومر ڏينهن جاري بيان مطابق جاپان سنڌ ۾ ٻوڏ کان تحفظ جي منصوبي لاءِ 2.58 ارب جاپاني ين 16.4 ملين (آمريڪي ڊالر) جي گرانٽ فراهم ڪندو. منصوبي جو مقصد سنڌ ۾ ٻوڏ کان بچاءَ جي بنيادي ڍانچي کي مضبوظ بڻائڻ آهي، منصوبي سان …

اسلام آباد- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ٻوڏ کان تحفظ جي منصوبي لاءِ معاهدي تي صحيحون ٿيون. اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان سومر ڏينهن جاري بيان مطابق جاپان سنڌ ۾ ٻوڏ کان تحفظ جي منصوبي لاءِ 2.58 ارب جاپاني ين 16.4 ملين (آمريڪي ڊالر) جي گرانٽ فراهم ڪندو. منصوبي جو مقصد سنڌ ۾ ٻوڏ کان بچاءَ جي بنيادي ڍانچي کي مضبوظ بڻائڻ آهي، منصوبي سان ٻوڏ جي خطرن جي وَر چڙهيل آبادين کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. منصوبي تحت لاڙڪاڻي ۾ سنڌو درياهه کاٻي ڪناري تي واقع اولڊ آباد بند کي بهتر ۽ مضبوط بڻايو ويندو، اقتصادي معاملن واري وزارت مطابق ايڪسچينج آف نوٽيس ۽ رڪارڊ آف ڊسڪشن تي اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري محمد حمير ڪريم ۽ پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسو شوئچي صحيحون ڪيون. معاهدي تي اقتصادي معاملن واري ايڊيشنل سيڪريٽري سبينه قريشي ۽ جاپاني ترقياتي اداره جائيڪا جي سينئر نمائندي سوگاوارا تاڪايوڪي صحيحون ڪيون.