پاڪستان ايئر فورس سڄي ملڪ جي سمورين پي اي ايف بيسز تي 7 سيپٽمبر شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهايو

راولپنڊي - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس سڄي ملڪ جي سمورين پي اي ايف بيسز تي 7 سيپٽمبر شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهايو، جنهن جو مقصد شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي بهادري، شجاعت ۽ فرض سان بيمثال وابستگي کي سلام پيش ڪرڻ هو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق شهيدن جي ڏهاڙي جي شروعات 1965ع ۽ 1971ع جي …

راولپنڊي – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس سڄي ملڪ جي سمورين پي اي ايف بيسز تي 7 سيپٽمبر شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهايو، جنهن جو مقصد شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي بهادري، شجاعت ۽ فرض سان بيمثال وابستگي کي سلام پيش ڪرڻ هو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق شهيدن جي ڏهاڙي جي شروعات 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي شهيدن، حق جي ويڙهه جي بهادر شهيدن ۽ پاڪستان جي قيام کان هاڻي تائين فرضن جي ادائگي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پاڪ فضائيه جي سمورن اهلڪارن لاءِ خاص دعا ۽ قرآن خواني سان ٿي. پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو اسلام آباد ۾ ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۾ منعقد شهيدن جي ڏهاڙي جي تقريب جو خاص مهمان هو. ايئر چيف مارشل پاڪ فضائيه جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن قربانيون، پاڪ فضائيه جي فخر جوڳي ورثي، بهادري، پيشيواراڻي مهارت ۽ وطن جي دفاع لاءِ پختي عزم جو بنياد آهن. هن چيو ته اسان جي بزرگن جي بهادري جا ڪارناما صرف تاريخ جا باب نه پر هڪ زنده ورثو آهن، جيڪي موجوده نسل تي هڪ گهري ذميواري مڙهين ٿا. شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته اسان جا شهيد، بهادري، قرباني ۽ قومي عزم جي لازوال علامت آهن. سندن ميراث اسان کي ياد ڏياري ٿي ته مادر وطن جو دفاع هڪ مقدس امانت آهي، جنهن کي اسان ثابت قدمي ۽ پختي عزم سان نڀائيندا رهنداسين. بعد ۾ ايئر چيف مارشل شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ پاڪ فضائيه جي بهادر شهيدن لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.