پاڪ فوج جبل چاڙهو سيد علي شاهه جو مڙهه ڳولڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري ورتو

اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جبل چاڙهو سيد علي شاهه جو مڙهه ڳولڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري ورتو. پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن جي جوانن جبل چاڙهو سيد علي شاهه جو مڙهه سوات منتقل ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق جبل چاڙهو سيد علي جولاءِ 2026ع ۾ ڪالام ويلي ۾ واقع فلڪ سر چوٽي تي گليشيئر ڦاٽڻ سبب حادثي جو شاڪر ٿيو هو. پاڪ فوج جي …

اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جبل چاڙهو سيد علي شاهه جو مڙهه ڳولڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪري ورتو. پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن جي جوانن جبل چاڙهو سيد علي شاهه جو مڙهه سوات منتقل ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق جبل چاڙهو سيد علي جولاءِ 2026ع ۾ ڪالام ويلي ۾ واقع فلڪ سر چوٽي تي گليشيئر ڦاٽڻ سبب حادثي جو شاڪر ٿيو هو. پاڪ فوج جي ريسڪيو ٽيمن اٽڪل 5200 ميٽرن جي بلنديءَ تي جبل چاڙهو سيد علي شاهه جي مڙهه جي نشاندهي ڪئي. پاڪ فوج جي ريسڪيو ٽيمن ڏکئي ۽ برف سان ڍڪيل علائقي باوجود انتهائي مشڪل آپريشن کي ڪامياب بڻايو. هيليڪاپٽر ذريعي پاڪ فوج جي ريسڪيو ٽيمن جبل چاڙهو سيد علي شاهه جو مڙهه 6 سيپٽمبر تي سوات منتقل ڪيو.