تهران- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) دنيا جي 9 ملڪن سان تعلق رکندڙ 30 صحافين، ايراني علائقي ڪوهستڪ ۾ ان گهر جو دورو ڪيو جتي شادي جي تقريب تي آمريڪي فضائي حملي ۾ هڪ ٻار سميت 5 ڄڻا فوت، جڏهن ته ٻارن ۽ عورتن سميت 60 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني اختيارين پرڏيهي صحافين جي هڪ گروپ کي سريڪ وڃڻ ۽ ڪوهستڪ ۾ واقع ان گهر …
غير ملڪي صحافين جو ايران ۾ شادي جي تقريب دوران آمريڪي فضائي حملي جو نشانو بڻيل گهر جو دورو
تهران- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) دنيا جي 9 ملڪن سان تعلق رکندڙ 30 صحافين، ايراني علائقي ڪوهستڪ ۾ ان گهر جو دورو ڪيو جتي شادي جي تقريب تي آمريڪي فضائي حملي ۾ هڪ ٻار سميت 5 ڄڻا فوت، جڏهن ته ٻارن ۽ عورتن سميت 60 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني اختيارين پرڏيهي صحافين جي هڪ گروپ کي سريڪ وڃڻ ۽ ڪوهستڪ ۾ واقع ان گهر جو دورو ڪرڻ جي اجازت ڏني، جتي شادي جي تقريب دوران آمريڪي فضائي حملو ڪيو ويو. 30 پرڏيهي صحافين ڪوهستڪ ۾ شادي جي تقريب واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ اتي رپورٽنگ کانسواءِ سمنڊ ڪناري نصب مواصلاتي ٽاور جو به جائزو ورتو. پرڏيهي خابرو اداري آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ان واقعي ۾ آمريڪي ساخته گوله بارود استعمال ڪيو ويو. ايران ان فضائي حملي کي جنگي ڏوهه قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سينٽڪام جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوج ان معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان زور ڀريو آهي ته آمريڪي فوج ڪڏهن به شهرين کي نشانو نٿي بڻائي. ايراني نيوز ايجنسي مطابق ڪوهستڪ ۾ آمريڪي حملي جو نشانو بڻيل گهر جو دورو ڪندڙ صحافين جو تعلق فرانس، آمريڪا، عراق، چين، لبنان، روس ۽ ٻين ملڪن سان هو.












