اسلام آباد - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سومر ڏينهن اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج ٽاورز ۾ “فائونڊرز وال” جو افتتاح ڪيو ۽ ان اداري جي بنياد رکندڙن ۽ اهم شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وقتي صدر پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽس کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سيڙپڪاري ۾ عوام جي شموليت وڌائڻ ۽ ڪاروباري شعبي ۾ايڪويٽي فنانسنگ جي وڌ کان وڌ استعمال …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج ٽاورز ۾ “فائونڊرز وال” جو افتتاح
اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سومر ڏينهن اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج ٽاورز ۾ “فائونڊرز وال” جو افتتاح ڪيو ۽ ان اداري جي بنياد رکندڙن ۽ اهم شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وقتي صدر پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽس کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سيڙپڪاري ۾ عوام جي شموليت وڌائڻ ۽ ڪاروباري شعبي ۾ايڪويٽي فنانسنگ جي وڌ کان وڌ استعمال جي ضرورت تي زور ڏنو. سيد يوسف رضا گيلاني ياد ڏياريو ته بطور وزيراعظم هن پاڻ آءِ ايس اي ٽاورز جو افتتاح ڪيو هو. هن مرحوم احسان الحق پراچه جي خدمتن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو جنهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير جي حيثيت سان 1989ع ۾ اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج جي پهرين بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جنهن ٽريڊنگ ۽ سيٽلمنٽ جي ان بنيادي ڍانچي جو بنياد رکيو جنهن ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين پاڪستان جي خدمت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب کي خطاب ڪندي وقتي صدر چيو ته بانين جي ديوار پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي اداراجاتي تاريخ ۽ يادداشت کي محفوظ رکڻ جي علامت آهي. اهو انهن ماڻهن جي دورانديشي جو اعتراف به آهي جن سرمائي تائين پهچ کي وسيع ڪرڻ، معاشي موقعن کي عام ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اترئين علائقن کي ملڪ جي مالياتي نظام جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني اداري سان پنهنجي وابستگي جو ذڪر ڪندي چيو ته بطور وزيراعظم کيس آءِ ايس اي ٽاورز جو پيڙهه جو پٿر رکڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. سندس چوڻ هو ته کيس سدائين اهو يقين رهيو آهي ته اسلام آباد رڳو ملڪ جو انتظامي مرڪز ئي نه پر اقتصادي سرگرمين ۽ معاشي ترقي جو اهم ٿنڀ هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينجز رڳو واپاري ڪاٿي، انڊيڪس پوائنٽس ۽ مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جهڙن فني انگن اکرن تائين محدود ناهن هونديون پر بنيادي طور تي اعتماد جو ذريعو هونديون آهن. اهي عوام جي انفرادي بچتن کي قومي دولت ۾ تبديل ڪرڻ، ڪاروبار کي سگهه ڏيڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ صنعتن جي قيام ۾ مدد ڏين ٿيون جنهن سان ڪاروباري ادارا رڳو بئنڪ قرضن تي ڀاڙڻ کانسواءِ سرمايو حاصل ڪري سگهن ٿا. وقتي صدر ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٽن اهم ترجيحن تي زور ڏنو. هن چيو ته پهرين ترجيح مالياتي خواندگي جي پروگرامن جي ذريعي عوام ۾ مالياتي معاملن ۽ سيڙپڪاري بابت آگاهي وڌائڻ آهي. ٻي ترجيح خانداني ملڪيت وارن ڪاروبارن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لسٽ ٿيڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي ته جيئن اهي سرمايو مارڪيٽ مان حاصل ڪري سگهن. ٽئين ترجيح مستحڪم پاليسين کي يقيني بڻائڻ آهي جنهن جي لاءِ مضبوط معاشي بنيادن، ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ ڊگهي مدي وارا ساختي سڌارا ضروري آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارليامينٽ ملڪ جي معاشي سفر ۾ هڪ پرعزم حصيدار آهي ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ بابت قانونسازي کي بهتر بڻائڻ، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) تحت ريگيوليٽري نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ نگراني جو عمل جاري رکيو آهي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان جي سمورن صوبن ۽ علائقن ۾ معاشي موقعن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. وقتي صدر پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي قيادت کي اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج جي بانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ “بانين جي ديوار” قائم ڪرڻ جي قدم تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پنهنجي بانين کي ياد رکڻ ڪنهن به بالغ ۽ مستقبل شانس اداري جي علامت آهي. پنهنجي خطاب کان اڳ وقتي صدر پاڪستان ايئر فورس ڊي جي موقعي تي به دلي مبارڪباد پيش ڪئي. ان کان اڳ وقتي صدر ڦيٿو ڪاٽي، “بانين جي ديوار” جو افتتاح ڪيو ۽ ان جي رونمائي ڪئي. هن چيئرمين هارون احسان پراچا پاران ڏنل بريفنگ ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي خطاب ڪيو.












