راولپنڊي - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪستان ايئرفورس پاران حب الوطني جي جذبي سان ڀرپور نئون ملي نغمو ريليز ڪيو ويو. تفصيل مطابق يوم فضائيه تي جاري ڪيل نغمو پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جرئت ۽ قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو. نغمي ۾ وطن جي حفاظت لاءِ پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارتن کي نهايت خوبصورت انداز ۾ فلمايو ويو آهي، پاڪ فضائيه جي …
يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪستان ايئرفورس پاران نئون ملي نغمو ريليز
راولپنڊي – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم فضائيه جي موقعي تي پاڪستان ايئرفورس پاران حب الوطني جي جذبي سان ڀرپور نئون ملي نغمو ريليز ڪيو ويو. تفصيل مطابق يوم فضائيه تي جاري ڪيل نغمو پاڪ فضائيه جي شاهينن جي جرئت ۽ قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو. نغمي ۾ وطن جي حفاظت لاءِ پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارتن کي نهايت خوبصورت انداز ۾ فلمايو ويو آهي، پاڪ فضائيه جي شاهينن وطن جي حفاظت ۾ قربانيون ڏئي دشمن جا عزم مٽي ۾ ملايا، شاهينن جي بي مثال جرئت هر محاذ تي دشمن کي للڪاريو ۽ پاڪستان جي فضائي حدن کي محفوظ رکيو، نغمي ۾ پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن جي مهارت سان ڏنو فيصلائتي شڪست کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وطن لاءِ جان قربان ڪندڙ شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي فضائي طاقت ۽ عزم جو مثال آهن، نغمي ۾ پاڪ فضائيه جي شاهينن جو هر لمحي مادر وطن جي دفاع لاءِ هر چيلنج جو مقابلو ڪرڻ جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو.












