اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۾ پر وقار تقريبون منعقد ڪيون ويون. تفصيل موجب اتر وزيرستان، ڊيره اسماعيل خان ۽ ڪوهاٽ ۾ شهيدن جي يادگار تي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. جي او سي ميرانشاه، جي او سي ڪوهاٽ ۽ جي او سي ڊي آئي خان يادگار شهداءُ تي گلن جون چادرون چاڙهيون، تقريبن …
يوم دفاع جي موقعي تي خيبر پختونخوا جي مختلف شهرن ۾ پر وقار تقريبون
اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۾ پر وقار تقريبون منعقد ڪيون ويون. تفصيل موجب اتر وزيرستان، ڊيره اسماعيل خان ۽ ڪوهاٽ ۾ شهيدن جي يادگار تي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. جي او سي ميرانشاه، جي او سي ڪوهاٽ ۽ جي او سي ڊي آئي خان يادگار شهداءُ تي گلن جون چادرون چاڙهيون، تقريبن ۾ اعليٰ عسڪري ۽ سول اختيارين، پوليس آفيسرن ۽ شهيدن جي ڪٽنب واسين ڀرپور شرڪت ڪئي، خيبرپختونخوا جي مختلف اسڪولن ۾ جهنڊا ڦڙڪايا ويا ۽ خصوصي اسمبليون منعقد ڪيون ويون جن ۾ مقامي ڪمانڊرز شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مقامي ڪمانڊرز ۽ نمائندن شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ پرجوش ريلين ۾ شرڪت ڪندڙن قومي جهنڊا کڻي پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هنيا. يوم دفاع ۽ شهداءُ جي مناسبت سان پشاور گيريزن ڪرنل شير خان شهيد اسٽيڊيم ۾ پاڪ فوج جي اهتمام هيٺ خصوصي نمائش منعقد ڪئي وئي، شهرين نوجوانن ۽ ٻارن پاڪ فوج جي مختلف شعبن جي اسٽالز ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.












