اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) جنگ جي ستين ڏينهن، 7 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت پاڪستان کي جنگ جو دائرو اوڀر پاڪستان تائين وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني، ان ڏينهن 31 ڀارتي جهاز تباهه ٿيا ۽ تباهه ٿيل جهازن جو ڪل انگ 53 ٿي ويو. ڀارتي ترجمان اعتراف ڪيو ته ڀارتي فوج جو لاهور، سليمانڪي، فيروزپور تي حملو ناڪام رهيو ۽ ڀارت کي هر محاذ تي وڏو نقصان کي منهن ڏيڻو …
جنگ جو ستون ڏينهن، 7 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت پاڪستان کي جنگ جو دائرو اوڀر پاڪستان تائين وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني
اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) جنگ جي ستين ڏينهن، 7 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارت پاڪستان کي جنگ جو دائرو اوڀر پاڪستان تائين وڌائڻ جي ڌمڪي ڏني، ان ڏينهن 31 ڀارتي جهاز تباهه ٿيا ۽ تباهه ٿيل جهازن جو ڪل انگ 53 ٿي ويو. ڀارتي ترجمان اعتراف ڪيو ته ڀارتي فوج جو لاهور، سليمانڪي، فيروزپور تي حملو ناڪام رهيو ۽ ڀارت کي هر محاذ تي وڏو نقصان کي منهن ڏيڻو پيو، 7 سيپٽمبر تي 31 ڀارتي جهاز تباهه ٿيا ۽ تباهه ٿيل جهازن جو انگ 53 ٿي ويو. صدر ايوب خان پاڪ فضائيه کي شاندار ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو، صدر ايوب خان جو چوڻ هو ته ريفرنڊم ئي ڪشمير ۾ امن آڻي سگهي ٿو. ڪشمير انقلابي ڪائونسل جي ترجمان ڀارت کي خبردار ڪيو ته ڪشميري ڀارتي عزمن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندا، پاڪ فوج جي ڪمانڊر ان چيف جنرل موسيٰ ريٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ سپاهين کي ڊيوٽي تي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، اوڀر پاڪستان جي گورنر عبدالمنعم خان ڀارت کي ڌمڪي ڏني ته اوڀر پاڪستان ۾ جارحيت تي ڀارت کي بد ترين نتيجا ڀوڳڻا پوندا،پاڪ بحريه جي چيف ايڊمرل اي آر خان بحري فوج نالي پيغام ۾ چيو ته قوم جي اميدن تي پورو لهو، پاڪستان نيول شپس بابر، خيبر، بدر، جهانگير، عالمگير، شاهه جهان ۽ ٽيپو سلطان دشمن کي ان جي حدن ۾ روڪي رکيو، ميجر جنرل اختر حسين کي ڪشمير ۾ جوڙيان ستيه ۾ شاندار بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي هلال جرئت سان نوازا ويو، صدر ايوب خان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل يوٿانٽ کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين سان ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن، پاڪستان سک برادري کي خاطري ڪرائي ته ان جي مقدس هنڌن جي حرمت هر صورت برقرار رکي ويندي.












