آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر  پاران چائلڊ  پروٽيڪشن انسٽيٽيوشن فيصل آباد جو دورو

لاهور -07 سيپٽمبر (اي پي پي) چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو پنجاب جي چيئر پرسن  ۽ ايم پي اي ساره احمد جي دعوت تي آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين فيصل آباد چائلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوشن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيئر پرسن ساره احمد آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آمد تي سندس ڀرپور آجيان ڪئي.هن هاءِ ڪمشنر کي ٻارن جي تحفظ، تعليم، تربيت، بحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن …

لاهور -07 سيپٽمبر (اي پي پي) چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو پنجاب جي چيئر پرسن  ۽ ايم پي اي ساره احمد جي دعوت تي آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين فيصل آباد چائلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوشن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيئر پرسن ساره احمد آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آمد تي سندس ڀرپور آجيان ڪئي.هن هاءِ ڪمشنر کي ٻارن جي تحفظ، تعليم، تربيت، بحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن بيورو پاران کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر جي آمد تي فيصل آباد چائلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوشن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي قومي ترانا پيش ڪيا ويا. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر اداري ۾ ٻارن جي هاسٽلن، ميوزڪ ڪلاس، گيمز زون، اسٽيچنگ يونٽ، آءِ ٽي ليب ۽ ٿراپي روم جو دورو ڪيو ۽ ٻارن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جو جائزو ورتو. دوري دوران هاءِ ڪمشنر ٻارن سان مختلف سرگرمين ۾ به حصو ورتو.  آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو پاران ٻارن جي تحفظ، سار سنڀال ۽ بحالي لاءِ فراهم ٿيندڙ خدمتن کي ساراهيو. دوري جي پڄاڻي تي  چيئرپرسن ساره احمد پاران آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر کي يادگاري شيلڊ به پيش ڪئي وئي.