اتر ڪوريا ايندڙ 8 مهينن ۾ بحري طاقت مضبوط بڻائڻ ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل حاصل ڪندو: ڪم جونگ ان

سيئول - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان چيو آهي ته ملڪ جي بحري فوج کي مضبوط بڻائڻ جي منصوبن تحت ايندڙ 8 مهينن ۾ هڪ ٻي اهم ڪاميابي دنيا آڏو پيش ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جونگ ان چيو ته اتر ڪوريا هن وقت بحري فوج کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم منصوبن تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ هو 8 مهينن بعد …

سيئول – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان چيو آهي ته ملڪ جي بحري فوج کي مضبوط بڻائڻ جي منصوبن تحت ايندڙ 8 مهينن ۾ هڪ ٻي اهم ڪاميابي دنيا آڏو پيش ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جونگ ان چيو ته اتر ڪوريا هن وقت بحري فوج کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم منصوبن تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ هو 8 مهينن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا آڏو ان حوالي سان اڳڀرائي ثابت ڪندو. هن چيو ته اڪيهين صدي ۾ عالمي طاقت مسلسل ڪوشش، جدت ۽ ترقي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن مختلف اهڙن سامونڊي جهازن جي تياري ۽ سروس ۾ شموليت، شپ يارڊز جي جديد ڪاري، نون ٺڪاڻن جي تعمير، بحريه جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نوان يونٽس قائم ڪرڻ کي موجوده دور جي اهم منصوبن جو حصو قرار ڏنو. هن چيو ته اتر ڪوريا کي وڌيڪ فيصلائتن قدمن ۽ اثرائتن نتيجن ذريعي دنيا کي ڏيکارڻ گهرجي ته هو پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ ڪهڙي طرح تياري ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙا قدم کڻي رهيو آهي. واضح رهي ته جنوري 2021ع ۾ اتر ڪوريا جي قيادت ايٽمي توانائي سان هلندڙ آبدوزن جي ڊيزائن ۽ تياري جو هدف مقرر ڪيو هو.