ويانا -07 سيپٽمبر (اي پي پي) تيل جي پيداوار ۽ روانگي ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ پلس جي 7 ميمبر ملڪن سيپٽمبر جي گهربل پيداوار کي آڪٽوبر لاءِ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اوپيڪ پلس جي 7 ميمبر ملڪن سعودي عرب، روس، عراق، ڪويت، قازقستان، الجزائر ۽ عمان، جن اپريل ۽ نومبر 2023ع ۾ اضافي رضاڪاراڻي پيداوار جو اعلان ڪيو هو، گذريل ڏينهن ورچوئل اجلاس منعقد …
اوپيڪ پلس پاران آڪٽوبر لاءِ تيل جي پيداوار برقرار رکڻ جو فيصلو
ويانا -07 سيپٽمبر (اي پي پي) تيل جي پيداوار ۽ روانگي ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ پلس جي 7 ميمبر ملڪن سيپٽمبر جي گهربل پيداوار کي آڪٽوبر لاءِ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اوپيڪ پلس جي 7 ميمبر ملڪن سعودي عرب، روس، عراق، ڪويت، قازقستان، الجزائر ۽ عمان، جن اپريل ۽ نومبر 2023ع ۾ اضافي رضاڪاراڻي پيداوار جو اعلان ڪيو هو، گذريل ڏينهن ورچوئل اجلاس منعقد ڪيو، جنهن ۾ عالمي ماڪيٽ جي حالتن ۽ ايندڙ امڪانن جو جائزو ورتو ويو. انهن 7 ملڪن اهو فيصلو ڪيو ته سيپٽمبر 2026ع جي گهربل پيداوار کي آڪٽوبر لاءِ برقرار رکيو ويندو. ان کان اڳ تيل مارڪيٽ جي استحڪام لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي تحت اپريل 2023ع ۾ اعلانيل اضافي رضاڪاراڻي ايڊجسٽمينٽ تحت پيداوار ۾ روزاني هڪ لک 88 هزار بيرل مٽاسٽا جو فيصلو ڪيو ويو هو. هنن تعاون جي پڌرائي جي مڪمل پاسداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جنهن ۾ اضافي رضاڪاراڻي پيداوار ايڊجسٽمينٽ به شامل آهي، جنهن جي نگراني گڏيل وزارتي مانيٽرنگ ڪميٽي ڪندي. اوپيڪ پلس جا ملڪ مارڪيٽ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ملاقاتون جاري رکندا. 7 ملڪن جو ايندڙ اجلاس 4 آڪٽوبر تي ٿيندو.












