آمريڪي صدر پاران نيو ميڪسيڪو رياست جو نالو تبديل ڪري نيو آمريڪا رکڻ جي تجويز

واشنگٽن - 07 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيو ميڪسيڪو رياست جو نالو تبديل ڪري نيو آمريڪا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته ڪيترن ئي ماڻهن نيو ميڪسيڪو جو نالو تبديل ڪري نيو آمريڪا رکڻ جي تجويز ڏني آهي. هن ان خيال کي به پسند ڪيو. آمريڪي صدر تجويز ڪيل نالي کي …

واشنگٽن – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيو ميڪسيڪو رياست جو نالو تبديل ڪري نيو آمريڪا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته ڪيترن ئي ماڻهن نيو ميڪسيڪو جو نالو تبديل ڪري نيو آمريڪا رکڻ جي تجويز ڏني آهي. هن ان خيال کي به پسند ڪيو. آمريڪي صدر تجويز ڪيل نالي کي رياست جي ماڻهن لاءِ وڌيڪ باوقار ۽ خوبصورت قرار ڏيندي چيو ته ڪيڏو نه سٺو خيال آهي، مون کي اهو پسند آهي. هن اهو به واضح ڪيو ته رياست جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪا باضابطا تجويز آهي، جنهن کي سندس انتظاميه اڳتي وڌائيندي يا صرف هڪ اهڙي خيال جي حمايت آهي جنهن کي ٻين پيش ڪيو آهي.