يوم دفاع جي موقعي تي ميجر شبير شريف شهيد جي مزار تي دعا واري تقريب، ميجر جنرل فيصل غفار رانا حاضري ڀري

لاهور - 06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي مياڻي صاحب قبرستان لاهور ۾ ميجر شبير شريف شهيد (نشان حيدر) جي مزار تي خاص دعا واري تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ ميجر جنرل فصل غفار راڻا شرڪت ڪئي، شهيد جي قبر تي گلن جون چادريون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. جڏهن ته پاڪ فوج جي چست جٿي شهيد کي سلامي پيش ڪئي. تقريب دوران ملڪ ۽ قوم …

لاهور – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي مياڻي صاحب قبرستان لاهور ۾ ميجر شبير شريف شهيد (نشان حيدر) جي مزار تي خاص دعا واري تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ ميجر جنرل فصل غفار راڻا شرڪت ڪئي، شهيد جي قبر تي گلن جون چادريون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. جڏهن ته پاڪ فوج جي چست جٿي شهيد کي سلامي پيش ڪئي. تقريب دوران ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي.