صدر پاران خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري بيان مطابق صدر مملڪت پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي دراندازي جي ڪوشش ڪندڙ خوارج خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي اثرائتي ۽ وقت سر ڪارروائي تي اطمينان …

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري بيان مطابق صدر مملڪت پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي دراندازي جي ڪوشش ڪندڙ خوارج خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي اثرائتي ۽ وقت سر ڪارروائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت چيو ته پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ عزمن کي هر قيمت تي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي سرحدن جو دفاع ۽ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو پهرين ترجيع آهي. صدر مملڪت افغان عارضي حڪومت تي زور ڀريو ته هو پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي.