وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري بيان مطابق وقتي صدر چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي دراندازي جي ڪوششن کي اثرائتي انداز ۾ ناڪام بڻائڻ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪس هجڻ جو ثبوت آهي. هن چيو ته پرڏيهي …

اسلام آباد- 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر تي ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري بيان مطابق وقتي صدر چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي دراندازي جي ڪوششن کي اثرائتي انداز ۾ ناڪام بڻائڻ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪس هجڻ جو ثبوت آهي. هن چيو ته پرڏيهي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردي خلاف عزم استحڪام تحت ڪارروائيون جاري رهنديون. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سموري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.